ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جا هاڃا، 881 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، سوين زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جو ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي.
اين ڊي ايم اي موجب، ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هنيئر تائين881 ڄڻا فوت ۽ 1176 زخمي ٿيا آهن، جن مان پنجاب ۾ 223 ڄڻا فوت ۽ 648 زخمي ٿيا.
رپورٽ موجب، خيبرپختونخوا ۾ برساتن سبب 48 ڄڻا فوت ۽ 359 زخمي ٿيا، سنڌ ۾ 58 ڄڻا فوت ۽ 78 زخمي ٿيا، جڏهن ته بلوچستان ۾ 26 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿيا آهن.
ان کانسواءِ گلگت بلتستان ۾ برساتن سبب فوتين جوا نگ 41 ، جڏهن ته 52 زخمي ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ 37 ڄڻا فوت ۽ 31 زخمي ٿيا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ برساتن سبب مختلف واقعن ۾ 8 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، ۽ 3 زخمي ٿيا.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ 510 مرد، 134 عورتون ۽ 237 ٻار شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 565 مرد، 289 عورتون ۽ 322 ٻار شامل آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 8206 گهر تباهه ٿيا ۽ 6180 کان مٿي چوپايو مال مري ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.