سکر (ويب ڊيسڪ) آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته سنڌو درياهه جي سڀني حفاظتي بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني يقيني بڻائڻ سميت امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملي کي هر وقت الرٽ رکيو وڃي.
صوبائي وزير آبپاشي سنڌ ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ سکر بئراج تي هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کهڙو سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران چيني انجنيئرن ۽ آبپاشي کاتي جي آفيسرن طرفان صوبائي وزير کي سکر بئراج تي جاري ترقياتي ڪمن ۽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ چيني ماهرن سکر بئراج جو معائنو پڻ ڪيو.
دوري دوران صوبائي وزير آبپاشي هدايت جاري ڪندي چيو ته سنڌو درياهه جي سڀني حفاظتي بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني يقيني بڻائي وڃي.
هن چيو ته امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملي کي هر وقت الرٽ رکيو وڃي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته سمورا آفيسر پنهنجون ذميواريون سنجيدگي ۽ ايمانداري سان ادا ڪن، ڪنهن به قسم جي لاپرواهي يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي پهرين ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ سمورا ادارا گڏيل رابطن سان هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.
ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ آهيون، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت سنڌ سرڪار جي پهرين ترجيح آهي: ڄام خان شورو
You might also like