لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني جارح مزاج بيٽر آصف علي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان اوچتو رٽائرمينٽ جي اعلان بعد اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ۽ آل رائوندڙ شاداب خان جو ردعمل اچي ويو
آصف علي پهرين سيپٽمبر تي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ ساٿي ڪرڪيٽرن ۽ مداحن سندس لاءِ نيڪ خواهشون جو اظهار ڪيو.
آصف علي گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
پنهنجي پوسٽ ۾ هن لکيو ته ”مان پنهنجن مداحن، ساٿين ۽ ڪوچز جو ٿورائتو آهيان جن هر سٺي ۽ ڏکئي وقت ۾ مون کي آٿت ۽ اتساهه ڏنو، مان پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن جو به شڪرگذار آهيان جن خوشي ۽ آزمائش جي لمحن ۾، خاص طور تي ورلڊڪپ دوران ڌيءَ جي وفات جهڙي ڏکئي وقت ۾ مونکي سنڀاليو، توهان طاقت مونکي اڳتي وڌڻ جو ڏڍ ڏنو.“
هن وڌيڪ چيو ته هو انشاءَالله علائقائي ۽ ليگ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو شوق جاري رکندو.
رٽائرمينٽ جي اعلان تي شاداب خان اسٽوري پوسٽ ڪندي لکيو ته ” توهان کي رٽائرمينٽ مبارڪ هجي، زندگيءَ جي ايندڙ سفر لاءِ نيڪ خواهشون.“
اهڙي طرح اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد به آصف علي جي ڪيريئر کي ساراهيندي لکيو ته ” شاندار ڪيريئر تي آصف توهان کي مبارڪ هجي، دعا آهي ته توهان جي ايندڙ زندگي ڪامياب رهي.“
واضح رهي ته آصف علي 21 ون ڊي ۽ 58 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، هن آخري ڀيرو پاڪستان لاءِ انٽرنيشنل ميچ 2023 ۾ کيڏي هئي.