جڪارتا (م ڊ) حڪومتي شاهه خرچين خلاف انڊونيشيا ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعات ۾ واڌ خلاف شروع ٿيل احتجاج هاڻ شدت اختيار ڪري ويو آهي.مظاهرا ڪندڙ ماڻهن پارليامينٽ جي ويجهو گڏ ٿي ڀڃ ڊاهه ۽ باهه لڳائڻ شروع ڪئي، احتجاج ڪندڙن پارليامينٽ جي عمارت کي به باهه ڏئي ڇڏي. باهه لڳڻ سبب عمارت ۾ ڦاٿل ڪيترن ئي مظاهرين پنهنجون جانيون بچائڻ لاءِ ٽپا ڏنا ، جنهن ڪري ڪيترن جا هڏا به ٽٽي پيا. پوليس پاران شيلنگ ڪئي وئي، چڪرين ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا صورتحال کي سنڀالڻ لاءِانتظاميه تڪراري علائقن ۾ فوج طلب ڪري ڇڏي آهي،