اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٰ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڪالا باغ جهڙو ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ نسلن سان زيادتي آهي.
اسلام آباد جي خيبرپختونخوا هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته مريم نواز ٻوڏ دوران ڪال ڪئي جنهن تي سندس ٿورائتو آهيان، پنجاب کي ٻوڏ ۾ امدادي سرگرمين لاءِ مدد جي آڇ ڪئي آهي، ٻوڏ واري معاملي تي سياست نه ڪرڻي گهرجي.
هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم مان پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا کي پاڻي ملندو، سنڌ کي ڪالا باغ ڊيم بابت اعتراض آهن، ميز تي ويهي ڳالهه ڪريو، ڪالا باغ ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي ڪري هي منصوبو رڪيل آهي، اهڙو ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ نسلن سان زيادتي آهي.
علي امين جو چوڻ هو ته ڊيم مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪو صوبو پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، مان هاڻي ئي پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ڀلي جتان به پورا ڪريان پر ملڪ لاءِ پنجاب پئسا نه ڏنا.
وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ نه آئين آهي نه قانون، هتي سياست ناهي رهي رهي، رڳو انتقامي ڪارروايون هلن پيون، ملڪ ۾ سياست جو وجود ختم ٿي چڪو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر جو ڪم آئيني آهي، (فيصل ڪريم )ڪُنڊي کي ڪيترائي دفعا پيغام موڪليا ته مڙي وڃ ۽ سياست نه ڪر، گورنر کي خيبرپختونخوا مان ڪڍي سگهان ٿو، اهو گهر منهنجي حڪومت جي ملڪيت آهي، مون اسلام آباد هائوس مان فيصل ڪريم کي ڪڍيو هو، هو اڄ تائين هتي نه اچي سگهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ 95 سيڪڙو سياستدان پيٽرول، سرڪاري گاڏي ۽ سيڪيورٽي گارڊ تي مرن ٿا، گورنر فيصل ڪريم به انهن مان هڪ آهي.
سنڌ کي اعتراض آهي ته ڳالهيون ڪري، ڪالاباغ نه ٺاهڻ ملڪ ۽ نسلن سان زيادتي آهي: گنڊاپور
You might also like