ٽِڪ ٽِڪ سامعه حجاب کي شاديءَ کان انڪار تي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار سوگهو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس ٽڪ ٽاڪر سامعه حجاب کي هيسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام هيٺ حسن زاهد نالي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس ترجمان موجب، ڪارروائي سامعه حجاب جي شڪايت ۽ وڊيو بيان ملڻ بعد ڪئي وئي.
ان ڏس۾ شاليمار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عورتن جي عزت ڇيهو رسائڻ جي نيت سان حملو يا زبردستي، اغوا ۽ عورتن کي هراسان ڪرڻ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ان حوالي سان سامعه حجاب جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ٻڌايو هو ته جوابدار ڪيئي ڏينهن کان سندس پيڇو ڪري رهيو هو ۽ بار بار تحفا ڏئي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
سامعه جو چوڻ هوته ” جوابدارمون کي شادي جي آڇ ڪئي هئي، انڪار تي هو مون کي هراسان ڪندو رهيو ۽ منهنجي گهر تائين پهچي ويو، حسن زاهد صاف لفظن ۾ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن شادي کان انڪار ڪنديس ته مون کي قتل ڪري ڇڏيندو، ان کان کانسواءِ گرفتاري کان اڳ به هن مون کي چيو ته ايف آءِ آر واپس وٺان.“
هن وڌيڪ چيو ته ” جوابدار مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، هن منهنجي گهر جي گهنٽي وڄائي ۽ دروازو کليل هئڻ تي مون کي زبردستي گڏ هلڻ لاءِ چيو، ان دوران هن منهنجو فون کسي گاڏي ۾ ويهي رهيو، مان فون واپس وٺڻ لاءِ ڊوڙي ويس ته جوابدار مون کي هراسان ڪيو ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي.“
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوادبار خلاف جوڳا ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.