لاهور (ويب ڊيسڪ) صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) راوي، ستلج ۽ چناب درياءَ ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
صوبائي رليف ڪمشنر موجب، پي ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شديد ٻوڏ صورتحال سبب 3200 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا آهن.
رليف ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۾ مجموعي طور 24 لک 52 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته 41 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا.
رليف ڪمشنر موجب، ٻوڏ ۾ ڦاٿل 9 لک 99 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.ا
رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ پاڻي جو وهڪرو 2 لک 53 هزار ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ستلج درياهه ۾ سليمانڪي وٽ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 24 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، راوي ۾ جسڙ وٽ پاڻي جو وهڪرو 54 هزار ڪيوسڪ ۽ شاهدره وٽ 60 هزار ڪيوسڪ آهي.
You might also like