اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وبائي بيمارين ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي رپورٽ موجب، ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان ۾ ڊينگي جا ڪيس 41 سيڪڙو ۽ مليريا جا ڪيس 26 سيڪڙو وڌي ويا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ڪالرا جهڙي وبائي بيماري پکڙجي رهي آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ خارش، چمڙي جون بيماريون، نانگ ۽ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا وڌي ويا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيتريون اسپتالون تباهه ٿي ويا يا شديد متاثر ٿيون آهن.
صحت واري عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ترت جوڳا نه کنيا ويا ته پاڪستان جو صحت وارو نظام وبائن جي دٻاءُ هيٺ اچي سگهي ٿو.
You might also like