لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي چيو آهي ته جيڪڏهن غزه ۾ جنگ بندي تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي ته برطانيا هلندڙ مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطيني رياست کي باضابطا طور تي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪندو.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته غزا ۾ هر گذرندڙ ڏينهن وڌيڪ تباهي آڻي رهيو آهي، 5 سالن کان گهٽ عمر جا 1 لک 32 هزار کان وڌيڪ ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب موت جي منهن ۾ آهن، جڏهن ته اسرائيلي حڪومت غزا کي ضروري امداد ڏيڻ کان لڳاتار انڪار ڪري رهي آهي.
ڊيوڊ ليمي جو چوڻ هو ته غزا ۾ جاري ڏڪار قدرتي ناهي پر اهو 21 صدي ۾ انسان جو پيدا ڪيل ڏُڪار آهي، تنهنڪري غزا ۾ فوجي ڪارروايون فوري طور بند ڪيون وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته غزا ۾ صورتحال کي بهتر بڻائڻ جو واحد حل ترت ۽ غير مشروط جنگ بندي آهي، جڏهن ته اسرائيل غزا ۾ فوجي ڪارروايون فوري طور روڪي.
غزا ۾ جنگبندي نه ٿي ته هلندڙ مهيني فلسطيني رياست کي باظابطا تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪنداسين: برطانيا
Next Post
You might also like