تيانجن (م ڊ) شنگهائي تنظيم پاران جعفر ايڪسپريس، خضدار حملن ۽ پَهَلگام واقعن جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او ڪانفرنس ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگرد حملن ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هئڻ جو معاملو اٿاري ڇڏيو. چين جي شهر تيانجن ۾ جاري 25 هين ايس سي او سربراهي ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته شاندار ميزباني ۽ ڀرپور انتظامن تي صدر ۽ حڪومت چين جا ٿورائتا آهيون. ايس سي او علائقائي سهڪار ۽ انضمام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڊگهي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان سدائين گهڻ رخي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي طاقت تي يقين رکي ٿو. ڪنهن به ملڪ لاءِ خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کان وڌيڪ ڪا شيءِ ناهي، ۽ پاڪستان ايس سي او ميمبر ملڪن ۽ پاڙيسري ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هڪ بهترين منصوبو آهي. پاڪستان سڀني عالمي ۽ ٻه طرفي معاهدن جو احترام ڪري ٿو، معاهدن موجب پاڻي تائين بنا رنڊڪ رسائي ايس سي او جي مقصدن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان سڀني پاڙيسري ملڪن سان معمول جا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ ان لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جو خواهشمند آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ جامع ڳالهه ٻولهه ضروري آهي، جنهن ذريعي سڀ پراڻا تڪرار حل ٿي سگهن ٿا. غزه جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته غزه ۾ جاري ظلم ۽ بک اسان جي اجتماعي ضمير تي هڪ نه ختم ٿيندڙ زخم آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي منظور ڪيل ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو ۽ ظلم ۽ رتو ڇاڻ جي فوري خاتمي جو مطالبو ورجائي ٿو. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرد حملن ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هئڻ جا ثبوت موجود آهن، انهن ڏوهن جي ذميوارن ۽ سندن سهولتڪارن کي جوابده بڻجڻو پوندو. هوڏانهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس جي اعلاميي ۾ جعفر ايڪسپريس، خضدار حملا ۽ پَهَلگام واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. چين جي شهر تيانجن ۾ ٿيل ايس سي او اجلاس جي گڏيل اعلاميي ۾ ايٽمي عدم پکيڙ واري معاهدي جي حمايت ڪئي وئي ۽ پرامن ايٽمي توانائي تائين هڪ جيتري پهچ تي زور ڏنو ويو، جڏهن ته چيو ويو ته ڪيميائي ۽ حياتياتي هٿيارن جي ڪنوينشنن تي مڪمل عملدرآمد جي حمايت ڪئي وڃي ٿي. گڏيل اعلاميي مطابق، تنظيم عالمي واپاري نظام جي مضبوط ٿيڻ ۽ يڪطرفي اقتصادي پابندين جي مخالفت ڪندي ڊجيٽل معيشت ۽ اي-ڪامرس ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته ايس سي او ڊولپمينٽ بينڪ جي قيام جو فيصلو به ڪيو ويو. اجلاس ۾ دهشتگردي، ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو ويو، سيڪيورٽي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ يونيفارم سينٽر ۽ اينٽي ڊرگ سينٽر جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، جڏهن ته دهشتگردي خلاف تعاون پروگرام 2025–2027 تي عمل جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو۔ ايس سي او جي گڏيل اعلاميي ۾ پَهَلگام، جعفر ايڪسپريس ۽ خضدار حملا جي سخت مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته فلسطين ۾ فوري ۽ پائيدار جنگبندي ۽ انساني امداد جي فراهمي تي به زور ڏنو ويو.