اسلام آباد (بيورو/م ڊ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، نالن ۾ چاڙهه ۽ روڊن تي پاڻي گڏ ٿيڻ ڪري ٽريفڪ به متاثر ٿي. سيڪٽر جي-11، جي-8، بني گالا ۽ سري نگر هاءِ وي پاڻي هيٺ اچي ويا، گاڏيون به ٻڏي ويون، ميٽرو بس جو روٽ پڻ بند ٿي ويو. واسا موجب اسلام آباد ۾ گولڙا ۾ 66 ملي ميٽر ۽ سيدپور ۾ 40 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ 60 ملي ميٽر برسات ٿي. نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح 19.5 فٽ تائين پهچي وئي. ايم ڊي واسا موجب، رين ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي کي فیلڊ ۾ موڪليو ويو آهي.
-
غزا تي اسرائيلي حملا، وڌيڪ 98 فلسطيني شهيد
غزا(م ڊ) غزا تي اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 98 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 404 زخمي ٿي پيا آهن. فلسطيني وزارت صحت جي بيان مطابق، غزا تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 98 فلسطيني شهيد۽ 404 زخمي ٿي پيا آهن. وزارت صحت جو چوڻ آهي ته مارچ ۾ جنگبندي جي خاتمي کان وٺي هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ 11,426 فلسطيني شهيد ۽ 48,619 زخميٿي چڪا آهن. وزارت مطابق،7 آڪٽوبر 2023 کانپوءِ اسرائيلي جارحيت ۾ 63,557 فلسطيني شهيد ۽ 160,660 زخمي ٿيا آهن۔
-
ڊفينس ۾ شرابي عورت سان بدسلوڪي، پوليس آفيسر معطل
ڪراچي (رپورٽر ) درخشاں پوليس ٿاڻي جي علائقي ڊفينس فيز 6 صبا ايونيو ۾ هڪ مبينا طور تي شرابي عورت سان بدسلوڪي ۽ تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ، ايس ايس پي سائوٿ مھزور علي نوٽيس ورتو ۽ درخشاں پوليس ٿاڻي ۾ مقرر هڪ پوليس آفيسر نعيم کي معطل ڪري ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب آچر جي رات هڪ عورت شرابي هجڻ سبب ڊفينس فيز 6 صبا ايونيو ۾ مبينه طور تي گوڙ ڪري رهي هئي ۽ درخشان پوليس علائقي جي رهواسين جي اطلاع تي موقعي تي پهچي وئي. عورت مبينا طور تي نشي ۾ هئي ۽ گذرندڙن کي روڪي بدسلوڪي ڪري رهي هئي. .
-
ڪارساز حادثي جي جوابدار نتاشا تي منشيات ڪيس ۾ فردِ جرم لاڳو
ڪراچي (رپورٽر) ڪارساز وٽ پيءُ ۽ ڌيءَ کي ڪار جي ٽڪر سان مارڻ واري ڪيس جي جوابدار نتاشا تي منشيات ڪيس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت فردِ جرم لاڳوڪري ڇڏيو. جوابدار نتاشا عدالت ۾ پيش ٿي ۽ ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو. عدالت جوابدار خلاف ٽرائل هلائڻ جو حڪم ڏنو ۽ پراسيڪيوشن کي شاهد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت 13 سيپٽمبر تي شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته جوابدار جي وڪيل طرفان ٽرائل دوران حاضري کان ڇوٽ واري درخواست پڻ داخل ڪئي وئي، جنهن تي عدالت 3 سيپٽمبر تي دليل طلب ڪيا آهن. ياد رهي ته جوابدار نتاشا قتل ڪيس ۾ فوتين جي وارثن سان ٺاهه ٿيڻ بعد ضمانت تي آزاد آهي. منشيات جو ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ بهادرآباد ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي.