ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات آيل زلزلي جي نتيجي ۾ 800 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 2500 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، زلزلي کانپوءِ افغان طالبان بين الاقوامي امدادي تنظيمن کان ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب ڪنڙ ۽ ننگرهار صوبي ۾ وڏي پيماني تي گهر تباهه ٿي ويا آهن.زلزلي جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪنڙ ۾ ٿيو آهي، جيڪو هڪ جابلو علائقو آهي ۽ هتي وڃڻ جا رستا محدود آهن. ريڪٽر اسڪيل تي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي، هن زلزلي جو مرڪز جلال آباد کان رڳو 27 ڪلوميٽر پري هو هن زلزلي جا لوڏا نه رڳو افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪابل ۾ پر پاڪستان ۾ به محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي نتيجي ۾ هنيئر تائين 800 کان وڌيڪ فوتگين جي تصديق ٿي آهي. طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد موجب، زلزلي سبب لغمان، نورستان ۽ ننگرهار ۾ به نقصان ٿيو آهي. طالبان حڪومت جي ترجمان موجب، صرف ڪنڙ ۾ هن زلزلي جي نتيجي ۾ 2500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ان جو مطلب آهي ته زلزلي ۾ فوتگين جي تعداد وڌڻ جو خدشو موجود آهي.افغانستان ۾ زلزلي سبب متاثر علائقا گاديءَ واري هنڌ ڪابل کان تمام پري آهن، جنهن سبب ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. هن زلزلي مان سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪنړ ۾ ٿيو آهي. اهو هڪ پهاڙي علائقو آهي، جتي وڃڻ جا رستا به محدود آهن.هتي صرف هيليڪاپٽرن جي ذريعي پهچ ۽ امدادي ڪارروايون ممڪن آهن. مون جلال آباد جي مرڪزي اسپتال ۾ اکين ڏٺل شاهدن سان ڳالهايو، جن ٻڌايو ته ايمبولينس ذريعي زخمين کي آندو پيو وڃي.هنن ٻڌايو ته عورتن ۽ ٻارن سميت سوين زخمين کي اسپتال ۾ آندو ويو آهي، جڏهن ته لاشن جو به وڏو انگ هتي پهچايو ويو آهي. اسپتال جي ڊاڪٽر موجب هر پنج ڪلاڪن کان پوءِ هڪ زخمي کي داخل ڪيو ويو.