سکر(رپورٽر)ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي جي هدايت تي سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ميرس ۾ سنڌو درياهه جي بندن تان خالي ڪرايل هنڌن تي عوام جي سهولت لاءِ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن ڪمشنر جي چونڊيل حڪمت عملي تحت پوليس ڪيمپون، صحت ڪيمپون، لائيو اسٽاڪ ڪيمپون، پي پي ايچ آءِ جون سهولتون ۽ ريسڪيو بوٽس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي ڊپٽي ڪمشنرن پاران ڪمشنر کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته رليف ڪيمپن تي اٽڪل سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته مختلف هنڌن تي مفت موبائيل اسپتال سروس، طبي ڪيمپون، وٽرنري ڪيمپون، اسڪول ڪيمپون ۽ ٻين هنڌن تي واش رومز قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته متاثرن لاءِ پلاسٽڪ چٽائي، ترپال، ٿانو، مڇر دانين سميت ٻين ضروري شين جي فراهمي پڻ ڪئي وئي آهي.