ڇا عليم خان کي خبر نه هئي ته زمين درياءَ جي آهي؟ ڊاڪٽر نبيها

اسلام آباد/لاهور (منصور علي خان) لاهور ۾ راوي درياهه جي ٻوڏ سبب ڪيترين ئي هائوسنگ سوسائٽين کي نقصان پهتو آهي، جن ۾ واپاري ۽ سياستدان عليم خان جي ملڪيت پارڪ ويو سوسائٽي به شامل آهي. صحافڻ ۽ سائڪالاجسٽ ڊاڪٽر نبيها علي خان ساڳئي سوسائٽي ۾ رهواسڻ آهي. هن انتظاميا جي نااهلي ۽ درياهه جي حفاظتي بند نه ٺاهڻ تي سوال اٿاريا. ڊاڪٽر نبيها جو چوڻ آهي ته انتظاميا رهواسين کي وقت سر خبردار نه ڪيو، نه ئي بند ٺاهڻ جا مناسب قدم کنيا ويا. ڊاڪٽر نبيها موجب، مون کي ڪنهن عليم خان خلاف ناهي بيهاريو پر ماڻهن جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي؟ مان ڪنهن کي ڊڄان نٿي، درياهه جي زمين کي سوسائٽي بڻايو پيو وڃي ته حفاظتي بند ضروري هو، منهنجي نقصان جو ڪو ازالو ناهي ڪيو ويو، رڳو سامان کڻائڻ ۾ مدد ڪئي وئي. هن چيو ته مان ته حقيقت چئي رهي آهيان ته ڇا عليم خان کي خبر نه هئي ته اها زمين درياهه جي آهي، درياهه ته 50 سالن کانپوءِ به پنهنجي زمين واپس وٺندو. اسان کي ان ڳالهه جي خبر هئي پر اسان عليم خان تي اعتبار ڪيو هو. مون کي هاڻي پارڪ ويو ۾ ناهي رهڻو. انتظاميا موجب هنن روڊا کي بند ٻڌڻ لاءِ رقم ادا ڪئي هئي پر بند نه ٺاهيو ويو. رهواسين موجب انتظاميا جي بي ڌياني سبب ٻوڏ جو نقصان وڌي ويو ۽ اڃا تائين سندن ڪو به حال پڇڻ وارو ناهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ، سومر 01 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.