لاهور (بيورو ) قومي آفتن جي انتظاميه اداري اين ڊي ايم اي پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ پهرين کان 3 سيپٽمبر تائين شديد برساتن جو الرٽ جاري ڪيو آهي، جنهن سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، اين ڊي ايم اي جي بيان موجب اسلام آباد، مري، راولپنڊي، جهلم، اٽڪ، منڊي بهاوالدين، گجرات، گوجرانوالا ۽ حافظ آباد ۾ برساتن سبب ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي، چنيوٺ، لاهور، سيالڪوٽ، نارووال، شيخاپوره، فيصل آباد، سرگودھا، ڀڪر، لئي ۽ ميانوالي ۾ به تيز برساتن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، ان کانسواءِ ، ڊي جي خان، ساهيوال، ملتان، بهاولنگر، بهاولپور ۽ رحيم يار خان ۾ به برساتن ۽ ممڪن سيلاٻي صورتحال جو خدشو آهي، جڏهن ته اين ڊي ايم اي آزاد ڪشمير ۾ شديد برساتن جو الرٽ جاري ڪندي احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ، اين ڊي ايم اي جي "ايڪس” اڪائونٽ تي جاري بيان موجب ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران وادي نيلم، مظفرآباد، باغ، شردھا حويلي ۽ ڪوٽلي ۾ شديد برساتن جو امڪان آهي، جنهن سبب ٻوڏ ۽ پهاڙي وارن علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو وڌي ويو آهي، ٻئي پاسي مظفرڳڙهه ۾ چناب درياهه ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ جي جي خطري سبب 105 اسڪول عارضي طور بند ڪيا ويا آهن، ڊپٽي ڪمشنر موجب، 89 سرڪاري اسڪول متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، تنهنڪري احتياطي طور سڀئي اسڪول 6 سيپٽمبر تائين بند رهندا، ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته 16 اسڪول فلڊ رليف ڪيمپن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باقي سڀئي سرڪاري اسڪول پهرين سيپٽمبر کان کلي ويندا.
-
ٽنڊو محمد خان جي 200 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو آهي: سيده تحسين عابدي
ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي آبادي جي لڏپلاڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده تحسين عابدي چيو آهي ته هن وقت تائين 200 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 4500 ماڻهن کي منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده تحسين عابدي چيو ته متاثر علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرو ڳوٺ جمو ملاح کي آهي، جنهن جو ڪجهه حصو اڳ ئي خالي ڪرايو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني جاني نقصان کان بچي سگهجي.