جيئي سنڌ محاذ طرفان وسيلن جي ڦرلٽ خلاف مظاهرا، حيدرآباد ۾ پوليس جي لٺبازي

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ بدامني خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ بدامني خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج ڪيو  ويو، احتجاج دوران پوليس ڪارڪنن مٿان ڪڙڪي پئي، پوليس لٺبازي ڪندي 12 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جيئي سنڌ محاذ جا ڪارڪن پارٽي  وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، پنھل جمالي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، حيدر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس وٽ پهتا ته پوليس اٽالا پهچي ويا ۽ 12 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان باوجود ڪارڪن پريس ڪلب تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، نواز شاهه ڀاڏائي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين کسي پئي وڃي، سنڌ جا جبل ڪٽي ختم ڪيا پيا وڃن، قبضا مافيا جي سرپرستي پيپلزپارٽي ڪري رھي آھي، پ پ سنڌ جي سون  جهڙي زمين ڪمپني سرڪار کي ڏئي اقتدار ورتو آھي. سنڌ دشمنن جي گھيري ۾ آھي، ھر طرف بربادي جا منظر آھن، ٻي طرف ڌاڙيل راڄ آھي جنهن جي ڪري سنڌ جو امن تباھه  ڪري زندگي جا دڳ بند ڪيا ويا آهن، سنڌ جي شھرن ۾ سرڪار خوف ۽ عدم سلامتي جو احساس ۽ اذيت وارو ماحول پيدا ڪيو آھي. اسين ان جبر جي خلاف جھدوجھد ڪري رھيا آھيون. سنڌ تي مڪمل آمريت آھي، انساني حقن تي راتاھو آھي. سنڌ جا وسيلا بيدردي سان لٽيا پيا وڃن. سنڌ جي تيل، گئس ڪوئلي ۽ ٻين وسيلن تي قبضو آھي، ڌرتي ڌڻين وٽ رڳو بک آھي ان ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف روڊن ٿي اچڻو پوندو. حيدرآباد پوليس اسان جي پرامن احتجاج تي ڪڙڪي لٺبازي ڪري 12 کان وڌيڪ ڪارڪنن کڻي وئي آهي، گرفتار سمورا ڪارڪن فوري طور آزاد ڪيا وڃن. ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن پوليس ڪجهه دير کانپوءِ گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڇڏيو. جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن تي قبضن، سنڌي هندن جي قتل خلاف سکر ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي جسم مرڪزي اڳواڻ ڪمال مهر، نظير احمد شيخ، رمضان ماڇي، حيدر چانڊيو، فريد خاصخيلي، جسقم شهيد بشير خان اڳواڻ ڪامريڊ ميرحسن لاشاري، محبت شنباڻي، ظفر خاصخيلي، آفتاب سنڌي، خالق ميتلو ۽ نظام ڪلوڙ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ نالي تي سنڌ جون زمينون  وڪرو ڪيون ويون آھن جيڪو فيصلو غير قانوني ۽ غير آئيني آھي سنڌ جي زمينن تي حق سنڌي ماڻھن جو آھي، سنڌو درياهه تي 6 ڪئنالن کي وفاق رد نه ڪيو آھي ڪم اڄ به جاري آھي جنھن کي سنڌ اڳي به وڏي تحريڪ ذريعي رد ڪيو ۽ اڄ به رد ڪيون ٿا، سنڌ ۾ منظم سازش تحت سرڪاري سرپرستيءَ ۾ منشيات وڪرو ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي حقيقي وارث سنڌي ھندن کي لڏائڻ جي لاءِ قتل ڪيو پيو وڃي، سنڌ مان سوين هندو گهر ڇڏي هليا ويا آهن، سنڌ کي ڌاڙيل راڄ کان آزاد ڪيو وڃي، سنڌي هندن جو قتل عام بند ڪيو وڃي،  جيئي سنڌ محاذ پاران نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳواڻن غلام مصطفيٰ عمراڻي، ابرار مورائي، نويد ڇٽو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ ڪارڪنن سان گڏ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هڪ سوچي سمجهي رٿا ۽ سازش تحت هندو برادري جي معصوم ماڻهن کي قتل ۽ اغوا ڪيو پيو وڃي، جيڪو عمل سنڌ جي ڌرتيءَ جي روايتي ڀائچاري ۽ هم آهنگيءَ جي خلاف آهي. اسان اهڙن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪمرانن کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ رهندڙ هر برادري جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، جيئي سنڌ محاذ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو تي ڌاڙي ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن  عابد ڪوري، ببلو سنڌي واجد لغاري،  زاھد لغاري، عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين  چيو ته پنجاب پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن مهل تائين سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ سنڌئين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ سازشون ڪندو رهيو آهي جنهن کي سنڌ جا حلالي پٽ پنهنجين جدوجهدن ذريعي ناڪام بڻائيندا آيا آهن پنجاب وفاق سان ملي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ، سنڌو درياھ تي ڪئنال اڏڻ  جي منظوري وٺي  سنڌ جي عوام جي روزگار تي زمينن تي ڌاڙو ھڻڻ جي سازش سٽي ان تي ڪم شروع ڪري ڏنو اٿن پر سنجي عوام  انهي فيصلي کي رد ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.