نيويارڪ(شهباز گل)هن وقت پنجاب جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن، اڳ ۾ ڪي پي ۾ تباهي ٿي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ شايد ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ به ساڳي صورتحال ٿئي۔فصل، اناج، جانور سڀ تباهه ٿي ويا۔ماڻهو پنهنجو روزگار وڃائي ويٺا آهن، ايندڙ نسل به ان بحران جو شڪار ٿينداپر جتي عوام لاءِ هيءَ صورتحال عذاب واري آهي، اتي اشرافيه لاءِ اها ئي ٻوڏ "هڪ وڏو موقعو” بڻجي ٿي،ڊالر ئي ڊالر ايندا۔ڪيترن جي موج لڳندي، جيئن اڳ به لڳندي رهي آهي۔2022 ۾ ٻوڏ آئي ته حڪومت دعويٰ ڪئي ته "40 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي”۔دنيا مان تقريباً 11 ارب ڊالر مليا۔ان مان 6 ارب ڊالر خاص ٻوڏ متاثرن لاءِ رکيل هئا۔پر صرف 2.8 ارب ڊالر خرچ ٿيا، باقي جو الله ئي ڄاڻي ڪٿي ويا۔پاڪستان ۾ اڄ تائين لڳ ڀڳ 28 وڏا سيلاب اچي چڪا آهن،نتيجو:غريب تباهه ٿيندو آهي۔اشرافيه لاءِ ڊالر ڪمائڻ جو موقعو بڻجي ويندو آهيوزيراعظم، وزير، بيوروڪريسي ڊونرز ڪانفرنسز ۾ وڃي پيسا گڏ ڪندا۔ اشرافيه،ڪامورا شاهي ۽ ٺيڪيدار پنهنجو حصو کڻندا، ٺيڪا کڻندڙ هڪ وڏي اداري کي وڏا ٺيڪا ملندا، ميڊيا کي به اشتهار مليا، تنهنڪري سڀئي سسٽم ۾ حصيدار آهن۔.