لاهور(امداد سومرو)پنجاب ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ وهڪرن هاڻي تيزيءَ سان سنڌ ڏانهن وڌڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ملتان ڊويزن ۽ ڀرپاسي جا علائقا خطري ۾ آهن۔ٻه وڊيوز سامهون آيون آهنهڪ ڀارت جي پنجاب مان، جتي هڪ عورت آفيسر متاثرن کي پيار سان سمجهي رهي آهي ته پنهنجا گهر ڇڏي اچو، اسان توهان لاءِ گوردوارن ۾ انتظام ڪيو آهي۔ٻي وڊيو اسان جي هڪ ايس ايڇ او جي آهي، جيڪو متاثرن سان سخت لهجي ۾ ڳالهائي رهيو آهي، “چُٻلا، هل، نڪري!” جهڙا جملا چئي رهيو آهي،ڀيٽا۾ صاف نظر اچي ٿو ته ڪٿي انتظاميا ماڻهن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ ڪٿي حڪم نامي ۽ بيزاري سان کين ڌڪيو وڃي ٿو،ٻئي پاسي وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ۽ سندس ٽيم گھوٽڪي، ڪشمور، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ بندن جو جائزو وٺي رهي آهي۔خاص طور تي گھوٽڪي جي علائقن ۾ بند ڪمزور آهن، جتي پٿر وڌيا پيا وڃن۔پنجين سيپٽمبر تائين پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿيندو۔ اهو وقت حڪومت وٽ تياري لاءِ موجود آهي. ڪچي جا علائقا پهريان ئي متاثر ٿي چڪا آهن، ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهو سنڌ ۾ ۽ ويهه لکن کان وڌيڪ ماڻهو پنجاب ۾ متاثر ٿي چڪا آهن،ٻئي پاسي هڪ ٻيو بحث به هلي رهيو آهي:سرڪاري امدادي سامان ۽ بينرن تي مريم نواز جي تصوير لڳائي پئي وڃي۔اسپتالن جي فارمن، امدادي بورين ۽ پيڪٽن تي به سندس تصوير ڇپائي وئي آهي۔ناقدن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جهڙي هنگامي صورتحال ۾ تشهيري تصويرون غيرضروري آهن ۽ عوام ۾ منفي تاثر ڇڏين ٿيون۔