ڊيم ئي ٻوڏن جو سبب آهن، انهن جي ضرورت ناهي، ڀڃي ڇڏيو: ڊاڪٽر حسن عباس

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڻي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏن جي وڌندڙ تباهيءَ جا اصل ذميوار ڊيم آهن، جيڪي ننڍن وهڪرن کي ختم ڪري درياهن کي سڪائي ڇڏين ٿا ۽ پوءِ جڏهن وڏي ٻوڏ اچي ٿي ته ڊيم جي گنجائش کان وڌيڪ پاڻي وهندو آهي، جنهن سان درياهه جا رستا سوڙها ٿي وڃن ٿا ۽ انساني آبادين کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا. بهتر اهو هوندو ته ڊيم زبون حال بڻجي ٽٽن، انهن کي پاڻ ئي ٽوڙي ڇڏيو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر حسن چيو ته ڊيم ٺاهڻ سان ماڻهن کي اهو غلط تاثر ڏنو ويندو آهي ته هاڻي ٻوڏ نه ايندي، جنهن ڪري درياهن جي ڪنارن تي حددخليون ۽ وڏيون سوسائٽيون ٺهي وڃن ٿيون پر جڏهن 20 يا 30 سالن بعد وڏي ٻوڏ اچي ٿي ته ساڳين آبادين کي وڏو نقصان پهچندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته دنيا ۾ ڊيم ختم ڪرڻ جو عمل جاري آهي. آمريڪا ۾ 20 هزار کان وڌيڪ، يورپ ۾ به هزارين ڊيم ٽوڙيا ويا آهن، جڏهن ته چين تازو 300 ڊيم ختم ڪيا آهن. ڪاميابيءَ جو رستو هٿرادو ڍانچن بدران قدرتي درياهن جي فطري وهڪرن کي برقرار رکڻ ۾ آهي. بجلي جي متبادل بابت ڊاڪٽر حسن وضاحت ڪئي ته شمسي توانائي (سولر) ۽ بيٽري جي نظام سان بجلي ٺاهڻ سوين ڀيرا سستو ۽ پائيدار آهي، جڏهن ته ڊيم ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ هاڻوڪي معيشيت ۾ وڏي بيوقوفي آهي. هن اهو به چيو ته درياهن جي هيٺان واريءَ ۾ لڳ ڀڳ 500 ملين ايڪڙ فُٽ مٺو پاڻي محفوظ آهي، جيڪو ٽيڪنالاجي جي مدد سان زرعي، صنعتي ۽ گهريلو استعمال لاءِ ڪڍي سگهجي ٿو، ۽ اهو ذخيرو ٽن سالن تائين جيترو به سوڪهڙو هجي، ختم نه ٿيندو. ڊاڪٽر حسن واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ اها غلطي فهمي پکيڙي وئي ته ڀارت پاڻي ڏئي رهيو آهي، پاڻي پاڪستان کي ڀارت نٿو ڏئي، پر اسان جا پنهنجا گليشيئر ۽ برساتون آهن جيڪي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي ڏين ٿيون. ڀارت کان ايندڙ پاڻي رڳو هڪ وهم آهي. سندس چوڻ هو ته ڊيم جن ماڻهن کي ٺاهڻا هوندا آهن، ملڪ جي نالي تي قرض وٺي انهن کي پاڻ کائڻو هوندو آهي، هي پنهنجا ٺيڪا وٺي ابتا سبتا ڍانچا ٺاهي گم ٿي ويندا آهن ۽ قوم ان جي قيمت ادا ڪندي رهندي آهي. هاڻي انهن جي ڳالهين ۾ نه اچڻ گهرجي. هاڻي وقت آهي ته اسان وڌيڪ بيوقوف نه بڻجون. هٿرادو نظام بدران قدرتي نظام تي خرچ ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.