مورو (جاني مورائي) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جو مورو پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. سيد زين شاهه مورو ڀرسان ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ شهيد زاهد لغاري ۽ شهيد عرفان لغاريءَ جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ان کان پوءِ سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ هزارين ڪارڪنن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ دادو روڊ مورو باءِ پاس کان شهر طرف احتجاجي مارچ ڪيو. مارچ ۾ جسقم جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ،ڪي بي لغاري جسم جي فيض الله جوڻيجو ،گلزار عالماڻي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سيد ظفر علي شاهه سميت ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي احتجاجي مارچ دوران مختلف هنڌن تي شرڪت ڪندڙن جو ڀليڪار ڪيو ويو، جڏھن ته شهر جي مکيه روڊن تان ٿيندو مارچ آخر ۾ مورو مين روڊ تي پهتو، جتي وڏو جلسو پڻ منعقد ڪيو ويو جلسي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته:اسان مورو سانحي ۾ سنڌو درياءَ لاءِ جان نثار ڪندڙ شهيد نوجوانن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ، سندن وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ پوليس گردي ذريعي پيدا ڪيل خوف جي فضا کي ختم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون. اسان جو احتجاج مڪمل طور تي پرامن آهي،هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڌرتيءَ جا شهيد قوم جو سرمايو آهن، ۽ سندن قربانيون وساري نٿيون سگهجن مورو سانحي ۾ ذميوارن خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهيدن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. گم ٿيل ڪارڪنن کي ظاهر ڪيو وڃي گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ،هن چيو ته موري جي لغارين قومپرست اڳواڻن ۔جتوئي برادريء تي بلا جواز دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪري موري ۾ ڏھڪاءُ پکيڙي ڇڏيو ۽ پوليس ھٿان نوجوان اغوا ڪري انھن تي ڦرن ڌاڙن ۽منشيات جا ڪوڙا ڪيس ڪري کين چالان ڪري ڇڏيو ڪيترائي ڪارڪن گم ڪري ڇڏيا هن چيو ته موري جا ماڻھو نڌڻڪا نه آھن ، پيپلز پارٽي 18 سالن کان سنڌ تي قابض آھي سنڌ جا وسيلا ھڙپ ڪري ڇڏيا ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪري حڪومت ٿا ڪن پر اسان چئون ٿا ته پنھنجو قبلو درست ڪيو سنڌ جي ماڻھن کي ڀت سان نه لڳايو سنڌ جا ماڻھو پنھنجا حق وٺڻ ڄاڻن ٿا،هن چيو ته جيسيتائين ھڪ به سنڌي جيئرو آھي ڪراچي سنڌ کان الڳ نه ٿيندي ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي چيو ته لغارين سان انصاف نه ٿيو انھن جي قاتلن تي ايف آءِ آر داخل نه ٿي ته پوءِدمادم مست قلندر ٿيندو، سنڌ کي ورھائڻ وارا قبلو درست ڪن سنڌ اڪ جي ڪاٺي نه آ جو ھر ڪو ڀڃي ڇڏي،عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان جا حڪمران ھوش وڃائي ويٺا ڪرپشن ۽ پئسن جي لالچ ۾ انڌا ٿي ويا آھن اسان جو مطالبو آته شھيد عرفان لغاري۽زاھدلغاري جي قتل جي ايف آء آر داخل د اخل ڪري انھن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين کان واپس وٺي سنڌي ماڻھن جي بيچيني دور ڪئي وڃي .ڪي بي لغاري چيو ته لغاري نڌڻڪا نه آھن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي نه ڏني وڃي،جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي پارٽي جو مرڪزي وفد قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، جوائنٽ سيڪريٽري خادم سمون، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، خان سومرو، غلام نبي لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مورو پھچي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ايس يو پي جي ريلي ۾ شريڪ ٿيو. ريلي کي خطاب ڪندي الطاف خاصخيلي چيو ته پ پ سنڌ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم ڪئي آھي. درياھ، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي اقتدار خريد ڪندڙ حڪمران ماڻھو قتل ۽ اغوا ڪري رھيا آھن. زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري جي بيگناھ شھيد ڪيو ويو. وارثن جي مرضي جي ايف آئي آر داخل ڪري نوجوانن جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن. هن چيو ته قومي معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نون صوبن جو شوشو ڇڏيو ويو آھي