اسان کي ڪارپوريٽ فارمنگ کان وڌيڪ ڪوآپريٽو فارمنگ جي ضرورت آھي:ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي زرعي معيشت جي موضوع تي ارتقا انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز ڪراچي پاران ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنھن جي ڪاروائي رياض شاھد دايو هلائي، سيمينار کي خطاب ڪندي ناليواري ليکڪ، زرعي ماهر ۽ دانشور ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر چيو ته  سنڌ جي زرعي معيشت ۾ زراعت ، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز اچي وڃن ٿا ،انھن سڀني جو دارومدار وري پاڻي تي آهي ، فصل جي پيداوار کان پوء مارڪيٽنگ اھميت رکي ٿي ،اسان کي ڪارپوريٽ فارمنگ کان وڌيڪ ڪوآپريٽو فارمنگ جي ضرورت آھي،آرگيننگ فارمنگ جي گھرج آهي. سنڌ جو زير زمين پاڻي ڪنهن به صورت ۾ استعمال جوڳو ناهي رهيو،مينھن جي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ان کي زمين ھيٺان موڪلڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي،اسان کي چائنا جي زرعي ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي.ناليواري ماحولياتي ماهر ناصر علي پنهور  ماحولياتي تبديلين جا سنڌ جي زراعت تي اثر جي موضوع تي پنھنجو لکيل مقالو پيش ڪيو،جنهن ۾ هن انگن اکرن سان ماحولياتي تبديلي جا سبب ٻڌائيندي چيو ته  سڄي دنيا ۾ ماحوليات تي جديد ترين تحقيق ٿي رهي آهي پر اسان وٽ رسرچ ڪندڙ ادارن وٽ بجيٽ خبر ناهي ڪٿي استعمال ٿي رهي آهي، پاڻي ۽  ايريگيشن جي ماھر احسان لغاري چيو ته اسان جي زرعي معيشت ۾ تمام وڏيون تبديليون اچي رھيون آھن ،ارڙھين ترميم کانپوءِ صوبن کي وڌيڪ فنڊ ته  مليا آهن پر انهن کي بھتر نموني سان استعمال ڪرڻ گهرجي. موسمي تبديلين ڪري ھاڻ وڌيڪ مينھن پوندا ، درياء ۾ به چاڙهه  ايندو انھي لاءِ اڳواٽ بھتر انتظام ڪرڻ گهرجن.     ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ ٽينينسي ايڪٽ پاس ڪيو ويو پر انھي تي عمل نہ ٿيو، ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان پوءِ زمينون ھارين کي ڏيڻ بجاءِ ڪامورن ۽ فوجين ۾ ورھايون ويون،ٻيا به کوڙ سبب آهن ۽ اهو سلسلو ڇاهتر سالن کان وٺي رڪجي ناهي سگهيو پر هن وقت تائين منظم طريقي سان ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي زرعي سيڪٽر تي جڪڙ مضبوط ڪئي وڃي ٿي ۽ عام هاري ننڍي زميندار کي تباهي طرف گهليو وڃي ٿو، انهي موقعي تي ارتقا انسٽيٽيوٽ پاران ڪليم دراني مھمانن جي آجيان ڪئي۽ اعلان ڪيو ته  اهڙي فڪري ۽ معلوماتي نشستن جو سلسلو مستقبل ۾ پڻ جاري رکيو ويندو. سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ ماهرن ۽ اسڪالرن کي شيلڊون اعزاز طور شيلڊون پيش ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.