ڪراچي (ع آ ن) ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال مينهن ۽ برساتي وهڪرن کان وڌيڪ بدانتظامي ۽ ڪرپشن تباهيءَ جو بنيادي سبب بڻجي ٿي. رپورٽن موجب اربين ڊالرن جا فنڊ برساتي متاثرن لاءِ رکيا وڃن ٿا، پر اهي پئسا حڪمران ۽ آفيسر پنهنجي کيسي ۾ وجهڻ ۾ لڳل آهن. هن وقت لکين خاندان بي گهر ٿي ويا آهن، ٻار بک ۽ بيمارين ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته حڪمران طبقا عيش عشرت ۾ ويٺل آهن ۽ سڀ ذميواري قدرتي آفت تي وڌي پئي وڃي. مبصرن جو چوڻ آهي ته هن تباهيءَ جو وڏو حصو روڪي سگهجي پيو، پر ڪرپشن ۽ نااهلي جي ڪري مينهن به وڏي تباهيءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. تجزئي نگارن سوال اٿاريو ته پاڪستان جا ماڻهو ڪيترو عرصو اهڙي ناڪام ۽ ڪرپٽ قيادت جي هيٺان تڪليفون سهندا رهندا؟