لاهور (م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته بجلي جي قيمت سستي ٿي آهي، بلن ۾ فرق آيو آهي، جن کي بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي نظر نٿي اچي انهن جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران اويس لغاري چيو ته هڪ ڪروڙ 80 لک صارفين 70 سيڪڙو ڊسڪائونٽ تي بجلي حاصل ڪري رهيا آهن، ماڻهو سولر پينل لڳائي پاڻ کي 200 يونٽ کان هيٺ آڻي چڪا آهن، نيٽ ميٽرنگ وارا آءِ پي پيز بڻجڻ وڃي رهيا آهن، نيٽ ميٽرنگ سبب 4 رپيا في يونٽ بار عوام تي پوندو، ۽ اسان هن معاملي کي ائين نٿا ڇڏي سگهون.