”قدرتي آفتون غريبن لاءِ تباهي ۽ اميرن لاءِ واپار ٿين ٿيون“

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

پروفيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) جي رپورٽ مطابق تازن ٻوڏن دوران 400 ماڻهو فوت ۽ 180 زخمي ٿيا. فوت ٿيلن ۾ 274 مرد، 30 عورتون ۽ 21 ٻار شامل آهن. انهن انگن اکرن ۾ گلگت ۽ ڪشمير ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي ڳڻپ شامل ئي ناهي. هنن انگن پويان سوين گهراڻا آهن، جيڪي يتيمن ۾ بدلجي ويا، عورتون بيوه ٿي ويون ۽ ٻار معصوميت سان اهو سوال ڪندي رهيا ته پاڻي انهن لاءِ موت جو پيغام ڇو آندو؟ سڀ کان المناڪ صورتحال ضلعي بونير جي آهي، جتي 225 ماڻهو فوت ٿيا. شانگله ۾ 37، مانسهره ۾ 24، باجوڙ ۾ 21، سوات ۾ 16، لوئر دير ۾ 5 ۽ بٽگرام ۾ 3 زندگيون ختم ٿي ويون. هي رڳو انگ نه پر اجتماعي المين جون ڪهاڻيون آهن. 15 آگسٽ تي آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بادل ڦاٽڻ، طوفاني برساتن، آسماني بجلي ڪرڻ ۽ ندي نالن ۾ طغياني هڪ هولناڪ منظرنامو تخليق ڪيو. درجنين ڳوٺن جو رابطو ڪٽجي ويو، زمين جي ڪٽائي گهرن ۽ پوکيل ٻنين کي ڳهي وئي، ۽ پهاڙي وهڪرن انساني بستين کي ٻوڙي ڇڏيو. ڳوٺن جا ڳوٺ وجود مان غائب ٿي ويا. پي ڊي ايم اي موجب صوبي ۾ 339 گهر متاثر ٿيا، جن مان 106 مڪمل طور ڊهي پٽ ٿي ويا ۽ 233 جزوي طور تباهه ٿيا. اهي اهي ڪچا گهر هئا، جيڪي محنتڪشن سالن جي محنت ۽ قربانين سان ٺاهي بيهاريا هئا. هڪ مزدور پنهنجي ڌيءَ جي شادي لاءِ ٺاهيل ڪمرو وڃائي ويٺو، هڪ هاري سالن جي گڏيل پئسن سان ٺهيل ڇت وڃائي ڇڏي. هي تباهي رڳو ديوارن ۽ ڇتن جي نه پر خوابن ۽ اميدن جي به آهي، جيڪا سڀ اسان جي اکين اڳيان آهي.

غريب هاري ۽ ديهاتي پنهنجون حياتيون، ٻار ۽ ڇت وڃائي رهيا آهن، پر ٻئي پاسي هي آفتون حڪومت، ٺيڪيدارن ۽ اين جي اوز لاءِ ڪاروباري موقعا بڻجي ويون آهن. رليف جي نالي ۾ ايندڙ ٽينٽ، ترپال ۽ امدادي سامان جا ٺيڪا اربن ۾ ملن ٿا. متاثرن تائين پهچڻ کان اڳ ئي گهڻو سامان وڪرو يا ذخيره اندوزي جي ور چڙهي وڃي ٿو. امدادي فنڊن تي ڪميشن مافيا سرگرم ٿي وڃي ٿو. هڪ پاسي ماڻهو مرن ٿا ته ٻي پاسي واپار اڀري ٿو. پي ڊي ايم اي اعلان ڪيو آهي ته متاثر علائقن ڏانهن 89 ٽرڪ امدادي سامان موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ ٽينٽ، بسترا، ڪچن سيٽ، ترپال، چٽايون ۽ روزاني استعمال جون شيون شامل آهن. صوبي جي حڪومت 800 ملين رپيا جاري ڪيا آهن، جن مان 500 ملين رپيا رڳو بونير لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. ڪاغذن تي اهي اعلان دلڪش آهن، پر حقيقت اها آهي ته اها امداد گهڻي ديرپا ناهي. هي رڳو عارضي مرهم آهي، مستقل علاج نه. پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. گليشئرن جي تيزيءَ سان ڳرڻ، اڻويهين برساتن ۽ بادل ڦاٽڻ جهڙن واقعن خطري کي گهڻو وڌائي ڇڏيو آهي، پر حڪمرانن لاءِ هي موضوع رڳو عالمي ڪانفرنسن ۾ تقريرن تائين محدود آهي. نه ڊيم ٺهندا آهن، نه ڊرينيج سسٽم بهتر ٿئي ٿو ۽ نه ئي زمين جي ڪٽائي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ٿا. مارڪس چيو هو ته سرمائيداري نظام رڳو منافعي کي ڏسي ٿو، انسان کي نه. اڄ پاڪستان ۾ ساڳيو ٿي رهيو آهي.

ٻيلن جي ڪٽائي، پهاڙن جي بي دريغ کوٽائي ۽ دريائن جي ڪنارن تي غير قانوني تعميرن سبب گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گلوبل وارمنگ جا بدترين نتيجا ظاهر ٿيا آهن. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته پهاڙن تي بارود جي لڳاتار استعمال سان گليشئر وقت کان اڳ ڳرڻ لڳا آهن، جنهن ڪري گلگت جا ميداني علائقا متاثر ٿيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته هنن علائقن ۾ دريائن جي ڪنارن سان گڏ هوٽل تعمير ٿيا ۽ ڪيترين نئين آباديون پاڻيءَ جي قدرتي رستن تي اڏيون ويون. حڪمران پارٽين جا اڳواڻ، سالن کان اپوزيشن ۾ ويٺل سياستدان، بيوروڪريٽ ۽ بلڊر مافيا پنهنجن مفادن لاءِ هي تعميرون ڪرايون.

جڏهن 2022ع ۾ درياءِ سوات ميگوره ۽ ٻين علائقن ۾ تباهي مچائي هئي ته ان وقت چيو ويو ته درياءِ ڪابل جي ڪناري تي هوٽلن جي تعمير ان جو ذميوار آهي، پر هوٽل مالڪن وٽ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر جي تصديق ٿيل اجازت ناما موجود هئا. انهن تجاوزات کي نامعلوم سببن ڪري اڃا تائين ختم نه ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف به پنهنجي خيبرپختونخوا جي دوري دوران درياءِ سوات جي ڪناري تي تعمير ٿيل هوٽلن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو هو ته 2020 جي ٻوڏ کان سبق نه سکيو ويو. اڳ پي ٽي آءِ حڪومت "بليئن ٽري” مهم شروع ڪئي هئي، پر ناقدن جو چوڻ آهي ته ان مهم جا نتيجا مفيد نه نڪتا. ماحولياتي ماهر چون ٿا ته انهن علائقن ۾ ٽمبر مافيا سڀ کان وڌيڪ مضبوط آهي. هر سيزن ۾ لکين وڻ ڪٽي انهن جي ڪاٺي ملڪ جي ٽمبر مارڪيٽن ۾ پهچائي وڃي ٿي. الزام اهو به آهي ته پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخوا حڪومت جا وزير هن ٽمبر مافيا جي اڳواڻن ۾ شامل هئا. جيتوڻيڪ ڪيترائي ڀيرا هن الزام جي ترديد ڪئي وئي آهي، پر ماحولياتي ماهر موجوده تباهيءَ جو ذمو وڻن جي ڪٽڻ تي ٿا وجهن. وفاقي ماحوليات وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته عالمي انگن اکرن موجب پاڪستان انهن اٺ ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي گلوبل وارمنگ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، پر نه آمريڪا ۽ نه ئي يورپي ملڪ پاڪستان جي مدد لاءِ تيار آهن.

نه وفاقي ۽ نه ئي صوبائي حڪومتن جي پهرين ترجيح گلوبل وارمنگ آهي. هن سڄي صورتحال ۾ ڪارل مارڪس جو اهو قول صحيح ثابت ٿئي ٿو ته: "آفتون غريب لاءِ تباهي ۽ اميرن لاءِ واپار ٿين ٿيون.” هي جملا رڳو فلسفيانه مشاهدو ناهن، پر صديون گذرڻ باوجود هڪ حقيقت آهن. شروعاتي تاريخ کان اڄ تائين هر قدرتي آفت اهو ڏيکاريو آهي ته ان جو بار غريب عوام تي اچي ٿو، جڏهن ته اشرافيه ۽ سرمائيدار طبقا انهن آفتن کي نون موقعن ۽ واپار ۾ بدلائي ڇڏين ٿا.

وفاقي ماحوليات وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته عالمي انگن اکرن موجب پاڪستان انهن اٺ ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي گلوبل وارمنگ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، پر نه آمريڪا ۽ نه ئي يورپي ملڪ پاڪستان جي مدد لاءِ تيار آهن.نه وفاقي ۽ نه ئي صوبائي حڪومتن جي پهرين ترجيح گلوبل وارمنگ آهي. هن سڄي صورتحال ۾ ڪارل مارڪس جو اهو قول صحيح ثابت ٿئي ٿو ته: "آفتون غريب لاءِ تباهي ۽ اميرن لاءِ واپار ٿين ٿيون.” هي جملا رڳو فلسفيانه مشاهدو ناهن، پر صديون گذرڻ باوجود هڪ حقيقت آهن. شروعاتي تاريخ کان اڄ تائين هر قدرتي آفت اهو ڏيکاريو آهي ته ان جو بار غريب عوام تي اچي ٿو، جڏهن ته اشرافيه ۽ سرمائيدار طبقا انهن آفتن کي نون موقعن ۽ واپار ۾ بدلائي ڇڏين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.