ٽن اوڀر درياهن ۾ چاڙهه کانپوءِ سنڌ ۾ به وڏي ٻوڏ جو خطرو آهي: اين ڊي ايم اي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چيو آهي ته ملڪ جي ٽن اوڀر درياهن جي موجوده صورتحال سبب سنڌو درياهه ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو آهي.
جمعي جي شام اين ڊي ايم اي چيو ته 3 کان 4 سيپٽمبر دوران 9 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين ٻوڏ جا وهڪرا پنجند هيڊ ورڪس تان گذرندو، جڏهن ته امڪاني نقصان جي خطري کي ڏسندي بند ٽوڙي وهڪري جو رُخ تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ 8 لک 25 هزار کان 9 لک ڪيوسڪ وهڪري جو امڪان آهي.
اٿارٽي موجب گڊو بيراج تي 5 کان 6 سيپٽمبر دوران 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪري جو امڪان آهي، خطرناڪ صورتحال کان بچڻ لاءِ بند ٽوڙي پاڻي جو رُخ موڙڻ جي صورت ۾ وهڪرو گهٽجڻ سان 7 لک 50 هزار کان 9 لک ڪيوسڪ ٿي ويندو.
اين ڊي ايم اي چيو آهي ته مجموعي طور تي وهڪرو 12 لک ڪيوسڪ تائين پهچي سگهي ٿو، جيڪو انتهائي اوچي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪندو، سکر بيراج تي 6 کان 7 سيپٽمبر دوران 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ جي وهڪري جو امڪان آهي، اهڙي ريت ڪوٽڙي بيراج مان 8 کان 9 سيپٽمبر دوران 8 لک کان 10 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جو امڪان آهي.
نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته سنڌو درياهه جي هيٺين علائقن ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ هوندي، مٿين علائقن ۾ موجود وڏو وهڪرو هيٺين علائقن ۾ وڏي ٻوڏ جو سبب بڻجندو، هيٺيان ۽ دريائي علائقا خطري ۾، اوور فلو، بند ٽٽڻ ۽ علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي.
اٿارٽي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل اختياريون ۽ کاتا فوري طور قدم کڻن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.