ٻوڏ وهڪرن بابت ڀارت جي ڪنهن به شرارت جا ثبوت ناهن:خواجا آصف

سيالڪوٽ(م ڊ)وفاقي وزير دفاع خواجا آصف چيو آهي ته تازي ٻوڏکي ڀارتي آبي جارحيت نه ٿو چئي سگهجي، ڀارت پروٽوڪول موجب ٻه ڀيرا اڳواٽ اطلاع ڏنو هو۔نجي ٽي وي سان  ڳالهائيندي هن  چيو ته ٻوڏ وهڪرن بابت ڀارت جي ڪنهن به شرارت جا ثبوت ناهن، ڀارت هن ڀيري ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ کان پوءِ به اطلاع ڏنو، اسان به پنهنجن ڊيمز مان پاڻي ڇڏيندا آهيون، جيڪڏهن نه ڇڏيون ته آبادي لاءِ وڏو خطرو ٿيندو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته شهري آبادي ۾ 50 ورهين کان پوءِ اهڙي شديد برسات ٿي آهي، اسان وٽ آبي گذرگاهن تي تمام گهڻيون تجاوزات آهن، سيالڪوٽ جي وچ مان گذرندڙ نالي تي به قبضو ٿيل آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن تي فيڪٽريون ٺهيل آهن، دريائن ۽ نالن جي ڪنارن تي ڪابه تجاوزات نه هئڻ گهرجن۔ جيڪڏهن چاهيون ته ٽن ڏينهن ۾ سڀ قبضه ختم ڪري سگهون ٿا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.