شارع فيصل تي وڻ وڍڻ تان ڊي جي پارڪس عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شارع فيصل تي وڻن جي واڍي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت گذريل سالن ۾ ڪٽيل وڻن جا تفصيل طلب ڪري ورتا ۽ ڊائريڪٽر جنرل پارڪس کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو. عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪٽيل وڻن جو ڪاٺ ڪيڏانهن ويو ۽ ڪيتري قيمت ۾ وڪرو ٿيو، ڇا ڪا قانوني ڪارروائي به ٿي آهي؟ سرڪاري وڪيل چيو ته هاڻي مقامي وڻ پوکيا پيا وڃن جن ۾ نم سميت ٻيا شامل آهن، پر ڪاٺ جي وڪري بابت تفصيل لاءِ وقت گهريو. درخواست گذار جو موقف آهي ته شاهراهه فيصل تي بي رحمي سان وڻ ڪٽيا پيا وڃن، جنهن سبب شهر ۾ هوا گدلي ٿي رهي آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ اڳ ئي حڪم ڏنو هو ته عدالتي جج جي اجازت کانسواءِ وڻ نه ڪٽيا وڃن، رڳو منتقلي جي اجازت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.