مهاجرن کي تاريخ مان سبق پرائڻ گهرجي

تحرير: قاضي طارق محمود

پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهري آبادي، ڪراچي، هميشه کان مختلف قوميتن ۽ ثقافتن جو مرڪز رهي آهي. ورهاڱي کان پوءِ لکين مهاجر هتي اچي آباد ٿيا ۽ آهستي آهستي هنن شهري مرڪزن تي غلبو حاصل ڪري ورتو. پر اڄ جا حال ۽ ايندڙ آباديائي تبديليون اهو ٻڌائين ٿيون ته جيڪڏهن مهاجر پنهنجي ڌار سڃاڻپ تي اسرار ڪندا رهيا ته وقت سان گڏ اهي اقليت ۾ بدلجي ويندا ۽ فطري طور تي ختم ٿي ويندا. اها هڪ اڻٽار حقيقت آهي. دانشمندي ان ۾ آهي ته اهي اڄ کان ئي دل سان پاڻ کي ”هندي سنڌي“ مڃين ته جيئن انهن جي سڃاڻپ هڪ مثبت ۽ پائيدار حيثيت سان قائم رهي.

1947ع ۾ ڪراچي جي ڪل آبادي لڳ ڀڳ ڇهه لک هئي، جنهن مان 87 سيڪڙو سنڌي هئا. پر مهاجرن جي اچڻ کان پوءِ اهو تناسب بدلجي ويو ۽ شهري مرڪزن ۾ مهاجر اڪثريت بڻجي ويا. 1998 تائين ڪراچي ۾ مهاجر آبادي 50–60 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته سنڌي ديهي علائقن تائين محدود رهيا. 2017ع جي مردم شماري ۾ مهاجرن جو تناسب 45–50 سيڪڙو ۽ سنڌين جو 25–30 سيڪڙو رڪارڊ ٿيو. ان مان ظاهر آهي ته سنڌي لڳاتار وڌندڙ شهري مرڪزن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن ۽ توازن بدلجي رهيو آهي.

اڄ جي صورتحال، يعني 2025 ۾ ڪراچي جي ڪل آبادي 2.7 ڪروڙ آهي، جنهن ۾ مهاجر ۽ سنڌي ٻئي لڳ ڀڳ 45–50 سيڪڙو جي وچ ۾ آهن. پر آبادي جي واڌ جي شرح سنڌين ۾ گهڻو وڌيڪ آهي (TFR 3.6–4.0 جي مقابلي ۾ مهاجرن جي 2.5–2.8). ان سان گڏوگڏ اندرون سنڌ کان شهرن ڏانهن لڏي اچڻ به سنڌين جي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي. اندازو آهي ته 2035 تائين سنڌي ڪراچي جي آبادي جو 50–55 سيڪڙو ۽ مهاجر 40–45 سيڪڙو رهجي ويندا. جيڪڏهن مستقبل کي وڌيڪ اڳتي ڏسون ته 2045 ۾ مهاجر آبادي 35–40 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندي ۽ سنڌي 55–60 سيڪڙو تائين پهچي ويندا. ان جي وڏي وجهه نه رڳو شرحِ پيدائش ۾ فرق هوندو پر مهاجرن جي بيرون ملڪ لڏپلاڻ به هوندي جيڪا سندن انگ گهٽائي رهي آهي. 2075 تائين اهو تناسب وڌيڪ صاف ٿيندو، جڏهن ڪراچي ۾ سنڌي 65–70 سيڪڙو ۽ مهاجر 20–25 سيڪڙو تائين محدود هوندا. 2125 تائين مهاجر سڃاڻپ صرف 23 سيڪڙو رهجي ويندي، جڏهن ته سنڌي 75–80 سيڪڙو هوندا. هي رڳو حسابي اندازو ناهي، پر اها آبادي سائنس جو اصول آهي، جنهن کي تاريخ بار بار ثابت ڪيو آهي.

اسلامي تاريخ به اهو سبق ڏئي ٿي. سڀ کان وڏي هجرت مڪي کان مديني ڏانهن هئي، جڏهن رسول الله ﷺ ۽ سندن ساٿين کي مهاجرين چيو ويو ۽ مقامي ماڻهن کي انصار. پر اها ورهاست هميشه لاءِ نه رهي. رسول الله ﷺ پاڻ ٻنهي کي هڪ ئي امت ۾ ضم ڪري ڇڏيو، هتي تائين جو اڳتي هلي ڪو به اهو نه چئي سگهيو ته فلاڻو مهاجر آهي يا فلاڻو انصاري  سڀ هڪ سڃاڻپ ۾ گڏجي ويا. ان مان صاف ظاهر آهي ته اسلام ۾ “مهاجر” هجڻ هڪ عارضي حالت آهي، مستقل سڃاڻپ ناهي. مستقل عزت تڏهن ملي ٿي جڏهن نئين ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن سان گڏجي هڪ ٿي رهيو وڃي.

ساڳي طرح اسرائيل جي مثال به سبق آموز آهي. يهودي به دنيا جي مختلف حصن کان فلسطين ۾ لڏي آيا هئا، مقامي ماڻهن شروعات ۾ کين جاءِ ڏني، پر هنن اتي دائمي اجارا داري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نتيجو اهو نڪتو ته اڄ سڄي دنيا کين هڪ غاصب ۽ احسان فراموش قوم طور ڏسي ٿي. جيڪڏهن مهاجر پنهنجي سڃاڻپ کي مستقل ڌار رکي سنڌي ڌرتي تي اجارا داري ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي پاڻ کي ساڳي جاءِ تي کڻي ويندا جتي اسرائيل ۽ يهودي بيٺل آهن  اڪيلائي، نفرت ۽ بدنامي. ڇا مهاجر سڃاڻپ جو ختم ٿيڻ خراب ڳالهه هوندي؟ هرگز نه. تاريخ ۾ بيشمار قومون پنهنجون ڌار سڃاڻپون قربان ڪري هڪ وڏي ۽ مضبوط سڃاڻپ جو حصو بڻيون ۽ اڄ عزت سان ياد ڪيون وڃن ٿيون. سيد، انصاري، قريشي، بلوچ ۽ پٺاڻ سڀ صديون اڳ سنڌ ۾ آيا ۽ هتي جي تهذيب ۾ ضم ٿي ويا. اڄ ڪو به کين اجنبي نٿو چوي، بلڪه سنڌي ئي سمجهي ٿو.

مهاجرن اڳيان رڳو ٻه رستا آهن. پهريون اهو ته ڌار سڃاڻپ تي اصرار ڪندا رهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته اهي اقليت مان به وڌيڪ ڪمزور ٿي رڳو هڪ عارضي لهر طور تاريخ ۾ ياد ڪيا ويندا. ٻيو رستو اهو آهي ته هو ”هندي سنڌي“ سڃاڻپ اختيار ڪن، يعني مڃي وٺن ته هو هند مان آيل ماڻهو آهن، جيڪي هاڻي سنڌي بڻجي ويا آهن. اهو نه رڳو سنڌين کي عزت ڏيندو پر مهاجرن کي به هڪ الڳ ۽ مثبت سڃاڻپ ڏيندو، جيڪا ايندڙ صدين تائين قائم رهندي. تنهنڪري حقيقت بلڪل صاف آهي: سنڌي آبادي وڌندي رهندي، مهاجر آبادي گهٽجندي ۽ ٻاهر ويندي رهندي، ۽ ايندڙ سئو ورهين ۾ مهاجر فطري طور محض هڪ اقليتي سڃاڻپ تائين محدود ٿي ويندا. دانشمندي ان ۾ آهي ته اڄ کان ئي هو پنهنجي سڃاڻپ کي سنڌين سان ڳنڍين، پاڻ کي “هندي سنڌي” سڏين ۽ سنڌ جي ڌرتي جي اصل وارثن سان گڏجي هڪ نئون ۽ مضبوط ڪلچر جوڙين. اهو ئي رستو کين عزت، بقا ۽ ايندڙ نسلن لاءِ روشن مستقبل ڏئي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.