والد مرحوم اڪثر اها چوڻي ٻڌائيندا هئا ته ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوندو ته تنهنجا ڪن ڪتو کائي ويو آهي، ته ڪتي جي پٺيان ڊوڙڻ کان اڳ پنهنجا ڪن هٿ سان لڳائي ڏسجانءِ.“ هر ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ٻڌي ٻڌي ڪن سڙي ويا آهن ته وفاق کي جيڪڏهن مؤثر نموني هلائڻو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻا پوندا. هي غبارو جتي ڪٿي به اڏامندو آهي، اتي ئي بانس نڪري ايندا آهن، دليل ۽ ترديدن جو بازار کلندو آهي. اهي جماعتون، ايڪسپايرڊ سياستدان ۽ ٿنڪ ٽينڪ به پنهنجو پراڻو منجن ٻيهر ڇاپي ۾ رکي وٺن ٿا، جن کي عام ڏينهن ۾ سندن گهر وارا به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن ٿيندا. ڇو ته عوام به 78 ورهين دوران هر قسم جي ٻن نمبرين سان ڏنگجي چڪا آهن، تنهنڪري هو به مداريءَ جون ڳالهيون مجمع جي صورت ۾ ان اميد سان ٻڌندا آهن ته هن ڀيري پٽاري مان ڪو اهڙو سنگ چور ناگ نڪري پوندو، جيڪو اڳ ڪنهن نه ڏٺو هوندو.
قياسي ڪتي جي پٺيان ڊوڙڻ کان اڳ جيڪڏهن ڪو آئين جو آرٽيڪل 239 پڙهي وٺي ته شايد بيڪار ڀونڪڻ کان بچي وڃي. هن آرٽيڪل ۾ صاف صاف لکيل آهي ته ڪنهن به صوبي جي جغرافيائي حدن ۾ گهٽ وڌ لاءِ پارليامينٽ جا ٻئي ايوان (سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي) الڳ الڳ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان آئيني ترميم جو مسودو منظور ڪندا ۽ پوءِ اهو مسودو لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي به ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان پاس ڪندي. ان کان پوءِ ئي صدرِ مملڪت کي ان ترميم تي صحيح ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرٽيڪل 239 جي هيءَ شق اڄ تائين رڳو هڪ ڀيرو يعني 2018 ۾ استعمال ٿي، جڏهن قبائلي ضلعن کي 25هين آئيني ترميم ذريعي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪيو ويو. يعني آئيني طور صوبن جون حدون بدلڻ ڪو ايترو سولو ڪم ناهي. ٿي سگهي ٿو پنجاب آسانيءَ سان پاڻ کي ٻه يا ٽي صوبا بڻائڻ تي راضي ٿي وڃي، ڇو ته مرڪز ۾ به مسلم ليگ نون آهي ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ به ان کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل آهي. نون ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ به هاڻي گاڏي سٺي هلندڙ لڳي ٿي، ٻئي هڪ ٻئي جا سخت ضرورت مند به آهن.
پنجاب جي ممڪن ورهاست اڃان تائين مفروضي آهي پر اها يقيني مفروضي آهي، ڇو ته پيپلز پارٽي به ڏکڻ پنجاب صوبي جي حق ۾ آهي ۽ نواز شريف جي ٽئين دورِ حڪومت ۾ پنجاب اسيمبلي جي نوني اڪثريت ان تجويز جي ’اصولي‘ حمايت ڪري چڪي آهي. ڇا بلوچستان کي پختون ۽ بلوچ اڪثريتي صوبن ۾ ورهائي سگهجي ٿو؟ تاريخي طور بلوچن کي ڪڏهن به ان ڳالهه تي سنجيده اعتراض نه رهيو آهي ته بلوچستان جي پشتون پٽي کي الڳ سڃاڻپ ڏجي، ڇو ته اها پٽي انگريزن جي دور ۾ به ڪوئيٽا ميونسپل انتظام هيٺ، رياست قلات کان ٻاهر هئي. پر اڄ جڏهن بلوچستان ۾ قومپرستي جا جذبا پنهنجي اوج تي آهن ۽ افغانستان ۽ ايران سان پاڪستان جا لاڳاپن ايترا حساس آهن، ته ڇا اهڙي ماحول ۾ بلوچستان کي ٻه صوبا ڪرڻ جي خواهش آسانيءَ سان پوري ٿي سگهي ٿي؟ هيءَ خواهش ڪٿي پيٽرول سان باهه وسائڻ جي ڪوشش ۾ نه بدلجي وڃي.؟
خيبرپختونخوا ۾ هزارا ڊويزن کي الڳ صوبو ٺاهڻ واري تحريڪ کي في الحال ڪا وڏي پذيرائي حاصل ناهي. ڇو ته هتي هندڪو ۽ پشتو ٻنهي ٻولين جو گڏيل ثقافتي پس منظر آهي. هريپور، ايبٽ آباد يا مانسهره جو رهواسي پاڻ کي راولپنڊي سان جيترو ويجهو سمجهي ٿو، اوترو ئي پشاور سان به ويجهو سمجهي ٿو. هزارا ۾ آباديءَ جو هڪ حصو پشتون آهي پر هندڪو ڳالهائيندو آهي. سياسي طور هزارا ڊويزن جو روايتي لاڙو پختون قومپرست تحريڪن بدران وفاقي ڌارا ڏانهن رهيو آهي. هزارا وارا الڳ صوبي جي تجويز جو ڀليڪار ڪن ٿا، پر صوبي جي پشتون اڪثريت ۾، مسلم ليگ نون جي حامين کانسواءِ، پي ٽي آءِ ۽ اي اين پي سميت ڪا به جماعت موجوده افراتفريءَ واري ماحول ۾ اهڙي تجويز جي حمايت جو خطرو کڻڻ لاءِ تيار ناهي.
جيڪڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪجي ته تاريخي طور اهو سڀ کان وڌيڪ ’انتظام گزيده‘ خطو رهيو آهي. 19هين صدي جي وچ تائين سنڌ تالپورن جي رياست هئي، جنهن تي 1843 ۾ انگريزن قبضو ڪري ان کي بمبئي پريزيڊنسي جو انتظامي ڊويزن بڻائي ڇڏيو. صوبي جي حيثيت سان سنڌ جو انتظامي تشخص 93 ورهيه پوءِ، 1936 ۾ بحال ٿيو. جيڪڏهن سنڌ 1947 تائين بمبئي پريزيڊنسي جو حصو رهي ها ته شايد پاڪستان ٺهيو ئي نه ها (ڇو ته سنڌ اسيمبلي ئي سڀ کان پهرين پاڪستان ۾ شموليت جي قرارداد منظور ڪئي هئي)
ون يونٽ کان وٺي لسانياتي فسادن تائين، سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي تاريخ هن ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته نون صوبن جي تجويز هتي محض انتظامي يونٽ جي نظر سان نه ڏٺي ويندي، پر وطن جي تصور سان جڙي هوندي آهي. سنڌ واسين لاءِ هيءَ صرف انتظامي ڳالهه ناهي پر وطن جو سوال آهي، ۽ وطن جو تصور ماءُ جيان هوندو آهي.
پاڪستان ۾ نوان صوبا ٿيڻ گهرجن يا نه؟ 78 سالن ۾ هر سياسي مسئلي کي انتظامي عينڪ سان ڏسندي، جيڪي ٻاراڻا نسخا اختيار ڪيا ويا، سي ڪامياب نه ٿيا. ان هوندي به حڪمران نسخو بدلائڻ لاءِ تيار ناهن. هاڻي حالت اها آهي جو مرڪز هجي يا صوبا، پنجن مان ڪنهن کي به رسي نظر اچي ته باقي چارن کي ساپ لڳي ٿو. جيڪا ڳالهه دنيا ۾ انتظامي ۽ سياسي نظام جي هڪ معمولي ڪارروائي سمجهي ويندي آهي، اها اسان وٽ سازش نظر ايندي آهي. بدنيتي، بدعهدي ۽ بدانتظامي انهن ٽنهي کي روڪيو وڃي ته ايمان، اتحاد ۽ يقين محڪم کي به ٿورو گهڻو رستو ضرور ملي سگهي ٿو.
ون يونٽ کان وٺي لسانياتي فسادن تائين، سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي تاريخ هن ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته نون صوبن جي تجويز هتي محض انتظامي يونٽ جي نظر سان نه ڏٺي ويندي، پر وطن جي تصور سان جڙي هوندي آهي. سنڌ واسين لاءِ هيءَ صرف انتظامي ڳالهه ناهي پر وطن جو سوال آهي، ۽ وطن جو تصور ماءُ جيان هوندو آهي.