اسلام آباد) ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف( پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چئن اسٽينڊنگ ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر پنهنجو استعيفيٰ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آفيس ۾ جمع ڪرائي آهي.
بئريسٽر گوهر قانون ۽ انصاف، انساني حقن، آءِ ٽي ۽ هائوس بزنس ايڊوائزري تان استعيفيٰ ڏني.
ان کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين 18 ميمبرن جون استعيفائون پڻ اسپيڪر کي جمع ڪرايون هيون.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن، باني چيئرمين عمران خان جي هدايت تي عمل ڪندي پارليامينٽ جي سمورين ڪميٽين تان استعيفائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڄوڪي استعيفيٰ سڀ کان اهم قرار ڏني پئي وڃي، ان کان اڳ ڪيئي ميمبر پنهنجي، پنهنجي ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن.
You might also like