لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ٽن دريائن ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن مان شهرين کي منتقل ڪيو ويو آهي.
حڪومتِ پنجاب موجب ايندڙ 24 ڪلاڪ قصور، لاهور ۽ ساهيوال لاءِ اهم قرار، چينيوٽ ۽ جهنگ ۾ ٻوڏي ريلن جو خطرو
پنجاب حڪومت چيو آهي ته ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايندڙ 24 ڪلاڪ قصور، لاهور ۽ ساهيوال لاءِ انتهائي اهم آهن، جڏهنته ايندڙ ڪلاڪن دوران ٻوڏ جو وهڪرو چينيوٽ ۽ جهنگ کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
پنجاب حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب صوبي جي مختلف علائقن ۾ 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.
ٻوڏ ۽ برساتن سبب سيالڪوٽ ۾ اڄ سمورا سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند رهي، جڏهن ته ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشنز معطل آهي.
ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌو درياهه ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي.
صوبائي آبپاشي کاتي موجب، 3 سيپٽمبر تي گڊو وٽ 6 لک 30 هزار ۽ 4 سيپٽمبر تي سکر وٽ 5 لک 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي آمد متوقع آهي.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته بنگالي نار ۽ عربي سمنڊ کان ايندڙ شديد چوماسي هوائون ملڪ جي اترين ۽ وچولي علائقن ۾ داخل ٿي ويون آهن، جنهن سبب تيز برساتن جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي موجب، چناب درياءَ ۾ قادرآباد هيڊ ورڪس وٽ پاڻي جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ آهي قادرآباد هيڊ ورڪس ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ هڪ لک ڪيوسڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ۽ وهڪرو هاڻي 9 لک 96 هزار ڪيوسڪ تائين اچي ويو آهي، جڏهن ته هيڊ ورڪس جي مجموعي گنجائش 8 لک ڪيوسڪ آهي.
ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ ۽ برساتن بعد ۾ پنجاب ۾ غير معمولي ٻوڏ، ڪيئي ڳوٺ ٻڏي ويا، لڏپلاڻ، 17 ڄڻا فوت
You might also like