پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال ، ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ۾ ڪڏهن داخل ٿيندو ؟

لاهور / ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ سبب پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، جڏهن ته گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي وٽ به سنڌو درياهه ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي.
فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب، تربيلا ڊيم مڪمل طور تي پاڻي سان ڀرجي ويو آهي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1550 فوٽ تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڊيم ۾ ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌ ۾ وڌ 1550 فوٽ ئي آهي.
منگلا ڊيم به 1222 فوٽن تائين ڀرجي ويو آهي جتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش 1242 فوٽ آهي.
ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪندڙ اداري جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه جي مٿئين ڪيچمينٽ واري علائقي ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته راولپنڊي ڊويزن سميت هيٺين علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
سنڌو درياهه ۾ تربيلا، ڪالا باغ ۽ چشمه وٽ پاڻي جي سطح هيٺانهين سطح تي آهي، جڏهن ته تونسا، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. سنڌو درياهه ۾ گڊو ۽ سکر وٽ 4 ۽ 5 سيپٽمبر تي انتهائي وڏي درجي جي ٻوڏ هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.