سنڌ سميت سڄي مُلڪ ۾طوفاني برساتن جو الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي اين ڊي ايم اي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مِينهن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
اين ڊي ايم اي موجب، ڪراچي ۾ 30 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين برساتن جو امڪان آهي، برساتن سبب شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ به 30 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين مينهن وسندا جڏهن ته حيدرآباد، دادو، سکر، گھوٽڪي، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ 30 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين طوفاني برساتن جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب گوادر، ڪيچ، پنجگور، خضدار، لسٻيلي ۽ قلات ۾ به 29 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين برساتون ٿينديون.
ٻئي پاسي موسميات کاتي موجب، 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين اسلام آباد ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان وسڪاري جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب جي اترين ۽ اوتر اوڀر وارن ضلعن ۾ 30 ۽ 31 آگسٽ دوران تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، گجرات، نارووال، حافظ آباد ۽ منڊي بهاءُالدين ۾ 30 ۽ 31 آگسٽ تي ڪڪر وسندا.
مرڪزي ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ 29 کان 31 آگسٽ تائين برساتن جو امڪان آهي ۽ هيٺائين وارا علائقا هيٺ پاڻي اچي سگهن ٿا.
ملتان، ڊي جي خان، راڄنپور، ليه، ڀڪر، ساهيوال، بهاولپور، بهاولنگر ۽ رحيم يار خان ۾ به 29 کان 31 آگسٽ تائين برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
خيبرپختونخوا ۾ به 29 کان 31 آگسٽ تائين تيز وسڪارا متوقع آهن، جڏهن ته مالاڪنڊ ۽ هزارا ڊويزن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي.
چترال، دير، سوات، بونير، مانسهرا، ايبٽ آباد، پشاور، نوشهرا، مردان، ڊي آءِ خان، ٽانڪ، ڪوهات ۽ بنون ۾ به 29 کان 31 آگسٽ تائين مينهن وسندو.
آزاد ڪشمير ۾ مظفرآباد، باغ، حويلي، ڪوٽلي، ميرپور ۽ ڀمبر ۾ 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين شديد برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 29 کان 31 آگسٽ تائين برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي.
گلگت، اسڪرڊو، هنزا، ديامر، استور، غذر ۽ گانڇي ۾ 29 کان 31 آگسٽ تائين برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.