لازاني (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن پاڪستان جي پرو ليگ ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي.
انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن جي صدر طيب اڪرم پاڪستان جي پرو ليگ ۾ شرڪت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته نيوزيلينڊ جي ٽورنامينٽ تان هٿ کڻڻ کانپوءِ پرو ليگ ۾ پاڪستان کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي.
طيب اڪرم جو چوڻ هو ته پرو ليگ جي ستون ايڊيشن ۾ پاڪستان سميت 9 ٽيمون شرڪت ڪنديون، پاڪستان ارجنٽينا، آسٽريليا، بيلجيم، انگلينڊ، جرمني، ڀارت، نيڌرلينڊز ۽ اسپين سان کيڏندو.
انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايليٽ مقابلن ۾ پاڪستان جي واپسي سٺو سنئوڻ آهي،
You might also like