”غزا ۾ اسرائيلي ظلم روڪرايو“ عثمان خواجا جي آسٽريلوي وزيراعظم کي اپيل

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا هڪ ڀيرو پري غزا ۾ ظلم بند ڪرائڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
ڪينگروز ڪرڪيٽر عثمان خواجا آسٽريلوي وزيراعظم اينٿوني البانيز سان ملاقات ڪئي، جتي هن غزا جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته علائقي ۾ اسرائيلي ظلم بند ڪرايا وڃن.
عثمان خواجا چيو ته آسٽريلوي حڪومت اسرائيل ۽ نيتن ياهو مٿان پابندين ۾ واڌ ڪري، معصوم ٻارن جي قتلام ۽ امدادي سامان جي رسائي تائين اسرائيل سان واپار بند ڪيو وڃي.
عثمان خواجا راندين ۾ وڌندڙ جوا لت بابت ڳالهائيندي چيو ته ٻارن ۾ جوا جو وڌندڙ لاڙو خطرناڪ آهي، 16 سالن جي ڇوڪرن جا جوا کيڏڻ لاءِ اڪائونٽس موجود آهن، حڪومت کي راندين ۾ جوا تي مڪمل پابندي لڳائڻ گهرجي.
واضح رهي ته غزا ۾ اٽڪل 2 سال کان جاري اسرائيلي حملن ۾ 62 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک 50 هزار زخمي ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.