ليگز تي نظرون، بابر ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽي چيمپيئن شپ لاءِ ٻن ڪائونٽيز پاڪستاني ڪرڪيٽر بابر اعظم سان رابطو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، بابر اعظم کي ڪائونٽي چيمپيئن شپ جون جون رهيل ميچون کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، پر ڪرڪيٽر بابر اعظم ڪجهه سببن جي ڪري اها آڇ قبول نه ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ميچز عيوض بابر اعظم جو سالياني ٻن ليگز لاءِ اين او سي ڪوٽا مڪمل ٿي وڃي ها، ان ڪري هن اها آڇ رد ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ هو ته ته بابر اعظم بِگ باش سميت ڪنهن ٻي ليگ جون هڙئي ميچون کيڏڻ جو خواهشمند آهي ۽ ٻي ليگز سان به سندس رابطا جاري آهن.
ياد رهي ته ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل پاڪستاني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، محمد رضوان ۽ نسيم شاهه کي شامل ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.