لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽ ( پي سي بي ) راند سان گڏ تعليمي خرچ به کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، پي سي بي انڊر 15 کان وٺي انڊر 19 تائين جي ٻارن کي ڪرڪيٽ سان گڏ تعليم به ڏيندو، ٻارن کي سڄي سال لاءِ اڪيڊميز ۾ رکيو ويندو ۽ سندن تعليمي خرچ به ڪرڪيٽ بورڊ ادا ڪندو.
سيالڪوٽ، فيصل آباد، ملتان ۽ ڪراچي جي اڪيڊميز ۾ ٻار تعليم ۽ ڪرڪيٽ سکندا، سيالڪوٽ اڪيڊمي سڄو سال انڊر 15 ٻارن لاءِ مخصوص هوندي.
ذريعن چيو ته فيصل آباد انڊر 17 ۽ ملتان اڪيڊمي انڊر 19 جي ٻارن لاءِ هوندي، ٽنهي اڪيڊميز لاءِ ٻارن جو چونڊ ريجنل ڪرڪيٽ جي ڪارڪردگي تي ڪئي ويندي.
ٽنهي اڪيڊميز ۾ ڪرڪيٽ ٽريننگ سان گڏ ٻارن جي تعليم جا خرچ به بورڊ برادشت ڪندو، سڀني ٻارن جي اسڪول ڪاليجز ۾ داخلا سميت سمورا خرچ پي سي بي جي ذمي هوندا.
ذريعن موجب، ڪراچي اڪيڊمي پاڪستان وومين ڪرڪيٽرز سميت شاهينز ۽ اي ٽيم جي سرگرمين لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي.
You might also like