ميچ هارائڻ تي توائي روسي رانديگر کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، وڏو ڏنڊ لاڳو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) يو ايس اوپن جي ٽينس مقابلي ۾ ميچ هارائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ روسي ٽينس اسٽار کي مهانگو پئجي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، جذبن تي ظابطو نه رکڻ تي روسي اسٽار ڊينيل ميڊوڊيو تي ساڍا 42 هزار ڊالر جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ميچ هارائڻ کانپوءِ ميڊوڊيو کي رئڪٽ ٽوڙڻ تي پنهنجي ٽورنامينٽ جي انعامي رقم جو ٽيون حصو ڏنڊ جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پيو.
ٽورنامينٽ ريفري ڊنيئل کي 30 هزار ڊالر ڏنڊ اسپورٽس مين ڪنڊڪٽ نه رکڻ تي ۽ 12 هزار 500 ڊالر ڏنڊ فيلڊ ۾ رئڪٽ ٽوڙڻ تي ڪيو.
واضح رهي ته ڊينيل ميچ دوران ريفري جي هڪ فيصلي تي ڪاوڙ ۾ اچي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.