مهانگائي گهٽجڻ جي حڪومتي دعويٰ عوام سان مذاق!

ڪراچي (ارباب چانڊيو) حڪومت طرفان عوام کي اهو ڪوڙ هنيو پيو وڃي ته مهانگائي گهٽجي رهي آهي. امپريس مارڪيٽ ۾ ڪرياني جي سڀ کان وڏي دڪان جي مالڪ صابر موجب، اٽي جي ٻوري 100 کان 200 رپيا مهانگي ٿي وئي آهي، خريدار پريشان ٿي رهيا آهن، ٽماٽا 120 رپيا، ڀاڄيون مهانگيون، تيل 20 کان 30 رپيا في ڪلو مهانگو ٿيو آهي، گيهه به ايترو مهانگو ٿيو آهي. چڪي اٽو، فائن اٽو سڀ مهانگا ٿيا آهن. دال 2 کان 3 رپيا مهانگي ٿي آهي. اهو عوام سان مذاق ڪيو پيو وڃي. حڪومت جيڪو کنڊ جو اگهه ڏنو هو، هڪ ڏينهن به ان اگهه تي ناهي وڪرو ٿي، ان جو سبب به اهو آهي ته اسان کي اڳيان گهٽ اگهه تي ملندي ته اسان سستي ڏينداسين. اسان هن وقت 185 رپيا ڪلو ڏئي رهيا آهيون. موت کانسواءِ ٻي ڪا شئي سستي ناهي، موت کانپوءِ ته قبر تي به ٽيڪس ڏيڻو پوي ٿو. هتي جيئڻ به عذاب آهي ۽ مرڻ به عذاب آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، خميس 28 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.