ٻوڏ دوران امدادي ڪم جاري آهي، امن هجي يا جنگ، فوج عوام سان گڏ آهي\ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊي جي آءِ ايس پي آر، ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي هدايت تي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون جاري آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته قوم جا ٻه بهادر شهيد ۽ ٻه زخمي پڻ ٿيا آهن، فوج، ان جا سمورا آفيسر ۽ جوان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ عوام سان گڏ بيٺل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ورڪنگ بائونڊري تي ڪنهن به پوسٽ کي خالي نه ڪيو ويو آهي، پرڏيهي عنصرن ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن به مسلسل جاري آهن. هن چيو ته پاڪستان جو ڪهڙو به حصو هجي، فوج عوام سان گڏ آهي، ڪا به باطل قوت ملڪ ۾ ڦيٽاڙو وجهي نه ٿي سگهي، ٻوڏ جي وقت فوج ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. جنگ هجي يا امن، پاڪ فوج هر وقت عوام سان گڏ بيٺل آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ فلڊ يونٽس ڪم ڪري رهيا آهن، هڪ انجنيئر بريگيڊ، 19 انفنٽري ۽ 7 انجنيئرنگ يونٽس امدادي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آرمي جا هيليڪاپٽر 26 پروازون مڪمل ڪري چڪا آهن. هن ٻڌايو ته گوجرانواله ۾ 6 انفنٽري ۽ 2 انجنيئرنگ يونٽ مقرر آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب بهاولپور ۽ بهاولنگر ۾ 4 يونٽس کي اسٽينڊ بائي تي رکيو ويو آهي، خيبرپختونخوا ۾ به يونٽن ۽ ميڊيڪل بٽاليئن موجود آهن.  ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آرمي انجنيئرز ۽ سول انتظاميه مل ڪري سڀئي رستا صاف ڪري ڇڏيا آهن، 104 روڊس کي ڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ شاهراهه قراقرم کي به کوليو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرتارپور ۾ وڏو ريسڪيو آپريشن جاري آهي، ٻوڏ متاثرين ۾ 225 ٽن راشن ورهايو ويو آهي، 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ميڊيڪل جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به هوائي امدادي آپريشن ڪيا ويا آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر سان ملڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج جا جوان ۽ آفيسر هن ڏکئي وقت ۾ قوم سان گڏ بيٺا آهن، فيلڊ مارشل جي هدايت تي پاڪ فوج سڀني متاثر علائقن ۾ ريسڪيو سرگرمين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ڪرتارپور ۾ ٻيڙين ذريعي ريسڪيو آپريشن جاري آهي، قراقرم هاءِ وي کي کوليو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.