حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي, پاڻيء جي وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ درياهه جي سڪي ٺوٺ ٿي ويل پيٽ ۾ ورهين کانپوءِ پاڻي نظر اچي رهيو آهي, ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم وٽ دل کي وڻندڙ منظر آهن, مهاڻن سميت پاڻي تي گذران ڪندڙن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون آهن, درياهه جي زندگي پاڻي جا وهڪرا وڌڻ سان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ ٿيڻ جي ڪري ڊيلٽا کي ڪجهه سهارو ملڻ جي اميد به جاڳي پئي آهي, مٺي پاڻي جي لاءِ تڙپندڙ درياهه جي پوڇڙ وارن علائقن جي رهواسين کي جياپي جو نياپو پيو ملي. انگن اکرن موجب ڪالهه تائين سنڌو درياهه ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿيون وهڪرو 3 لک 13 هزار 3 سئو ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 2 لک 80 هزار 3 سئو ڪيوسڪ, سکر بئراج تي مٿاهون وهڪرو 3 لک 7 هزار 6 سئو ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 2 لک 55 هزار 4 سئو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو, اهڙي طرح ڪوٽڙي بئراج تي مٿاهون وهڪرو 2 لک 39 هزار 2 سئو ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 2 لک 11 هزار 9 سئو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي هن وقت تائين پاڻي جي صورتحال اطمينان بخش ٻڌائي وڃي پئي.