درياهه جي رستي ۾ عليم خان جي هائوسنگ سوسائٽي ٻڏي وئي

لاهور/اسلام آباد (عمران شفقت) ٺوڪر وٽ عليم خان جي پارڪ ويو هائوسنگ سوسائٽي ۾ راوي جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي. پراپرٽي ٽائڪون عليم خان درياهه جي وهڪرن جي اندر، بند جي حدن ۾ سوسائٽي ٺهرائي ڇڏي هئي جتي ڪيترائي ماڻهو منتقل به ٿي چڪا آهن. هاڻي جڏهن پاڻي اچي ويو آهي ته سرڪاري ادارا رڳو اعلان ڪري رهيا آهن ته پنهنجي جان ۽ مال جي پاڻ حفاظت ڪريو. سوال اٿاريو پيو وڃي ته اهڙي سوسائٽي لاءِ اين او سي ڪيئن جاري ڪئي وئي ۽ ڪهڙي عقل سان درياهه جي رستي ۾ اڏاوتون ڪيون ويون؟ ملڪ ۾ جتي پيسو هلي ٿو، اتي قانون ۽ ايمان ٻئي پٺتي رهجي وڃن ٿا. جيڪڏهن ڀارت اوچتو پاڻي ڇڏيندو ته هي علائقا مڪمل ٻوڙجي ويندا، جڏهن ته طاقتور ماڻهن لاءِ پاڪستان رڳو زمين ۽ پلاٽن جو ڪاروبار بڻجي ويو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، خميس 28 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.