راوي، ستلج ۽ چناب ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ، 8 ضلعن ۾ فوج طلب

لاهور/نارووال(بيورو /م ڊ) ڀارت طرفان دريائن ۾ پاڻي ڇڏڻ ۽ پنجاب ۾ سخت برساتن بعد چناب درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ پلکو نالي ۾ چاڙهه سبب ٻوڏ جو پاڻي وزيرآباد شهر ۾ داخل ٿي ويو. چناب درياهه ۾ پلکو نالي وٽ چاڙهه بعد پاڻي وزيرآباد شهر ۾ داخل ٿيو، سيالڪوٽ روڊ تي ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو. وزيرآباد جي چيما ڪالوني، جناح ڪالوني، حاجي پورا، محله شيش محل ۽ سوهدره ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو، ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب ماڻهن سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.ڀارت پاران وڌيڪ ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي.  چناب درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ لڳاتار واڌ بعد ضلعي انتظاميا گوجرانوالا ۾ هيڊ قادرآباد ڀرسان گهارو هڻڻ لاءِ هڪ ننڍڙو ڌماڪو ڪيو. درياءَ چناب ۾ هيڊ مرالا جي هنڌ تي وهڪرو مسلسل وڌي رهيو آهي، جتي پاڻي جي سطح 9 لک ڪيوسڪ جي انتهائي خطرناڪ سطح کان به وڌي وئي آهي، اين اي او سي موجب، ستلج ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ 2.45 لک ڪيوسڪ جو انتهائي مٿانهين درجي جو ٻوڏ وهڪرو جاري آهي، جڏهن ته ستلج ۾ هيڊ سليمانڪي وٽ هڪ لک 355 ڪيوسڪ جو ٻوڏ وهڪرو موجود آهي. ، درياهي علائقن جي رهواسين کي چوپائي مال سميت لڏ پلاڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ مسجدن ۾ اعلان به ڪيا پيا وڃن. ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 38 سالن کانپوءِ دريائن ۾ ايترو پاڻي آيو آهي، اڄ رات شاهدره مان وڏو ٻوڏ وهڪرو گذرندو. سندس چوڻ هو ته راوي درياهه ۾ 1988ع کانپوءِ ايتري وڏي مقدار ۾ پاڻي آيو آهي، راوي ڪنارن تي موجود ماڻهن کي اپيل آهي ته علائقن کي خالي ڪن، ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن اندروي مان وڏو ٻوڏ وهڪرو گذرندو .هن چيو ته شاهدرا مان اڄ رات 10 کان 12 وڳي جي وچ ۾ وڏو ٻوڏ وهڪرو گذرندو، جيڪو هڪ وڏو چئلينج هوندو پر حفاظتي انتظامن جي حوالي سان سمورا قدم کنيا ويا آهن، اميد آهي ته جاني نقصان نه ٿيندو. عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ هو ته گذريل رات چناب ۽ راوي ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آئي، خانڪي هيڊ ورڪس مان هن وقت وهڪرو گذري رهيو آهي، جڏهن ته چناب درياهه ۾ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ وڏي ٻوڏ آئي آهي سندس چوڻ هو ته وقتائتن قدمن سبب پنجاب ۾ جاني نقصان ناهي ٿيو، پر جيستائين تائين ٻوڏ رحيم يار خان مان نه گذرندا اهو پنجاب لاءِ وڏو چئلينج واري صورتحال رهندي، جڏهن ته انفرااسٽرڪچر جي نقصان جو امڪان گهٽ آهي.ٻئي پاسي ڀارتي هاءِ ڪميشن طرفان پاڪستان کي ٻوڏ بابت نئين آگاهي ڏني وئي آهي. انڊس واٽر ڪميشنر آفيس جو چوڻ آهي ته ڀارتي هاءِ ڪميشن اطلاع ڏنو آهي ته ستلج درياهه ۾ هيڊ هريڪي هيٺاهين ۽ فيروزپور هيٺاهين تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ هوندي، راوي ۾ ماڌو پور هيٺاهين ۽ چناب ۾ اکنور تي به مٿانهين درجي جي ٻوڏ هوندي.هوڏانهن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) موجب، چناب، راوي ۽ ستلج دريائن ۾ غير معمولي ٻوڏ واري صورتحال آهي.    درياءَ راوي ۾ جَسڙ جي هنڌ تي به انتهائي اوچي سطح جو ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جو وهڪرو 2 لک 26 هزار 240 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، جڏهن ته راوي ۾ شاهدره ۽ ستلج ۾ سليمانڪي جي هنڌ تي وچولي سطح جا ٻوڏ آهن. درياءَ راوي ۾ ٻوڏ واري لهر سبب شاهدره ۽ موٽر وي 2 جي هيٺاهين علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.