صدر زرداري پاران سنڌ ۾ اهم عهدو رکندڙ ۽ سينيئر وزيرن تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر+حنيف دوامي) اڱاري جي رات بلاول هائوس ڪراچي ۾ اهم ۽ ڊگهي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ سنڌ جي اهم عهدو رکندڙ ۽ وزيرن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري گڏجاڻي دوران واري واري سان سڀني کي ڇنڊ پٽي،اها گڏجاڻي رات 11 وڳي کان شروع ٿي جيڪا صبح تائين جاري رهي، سنڌ ۾ اهم عهدو رکندڙ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو،سينئر وزير لاءِ چيو ويو ته وزارت جو ڪروڙين رپين جو فنڊ رڳو پنهنجي ذات جي مشهوري تي خرچ ٿئي ٿو ۽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ خرچ نٿو ٿئي. ٻين وزيرن کي به چيو ويو ته اوهان سڀ ڪرپشن ڪري رهيا آهيو. صدر آصف علي زرداري جو اشارو سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني جي گرفتاري ڏانهن هو. هن چيو ته مان گرفتاري مان خوش نه آهيان، ان سان پيپلزپارٽي جي بدنامي ٿي آهي. صدر آصف علي زرداري سخت ڪاوڙ ۾ نظر اچي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري خاص طور تي هنگامي حالتن ۾ اسلام آباد کان ڪراچي پهتو هو. گڏجاڻي ۾ سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جو معاملو به غور هيٺ آيو. چيف سيڪريٽري، سيڪريٽرين، آءِ جي پوليس جي بدلين تي به غور ڪيو ويو. وڏي وزير کي اهڙا حڪم پڻ ڏنا ويا آهن. پراڻن ڪارڪنن کي ٻي پارٽي ۾ وڃڻ کان بچائڻ جي به هدايت ڪئي وئي ڇو ته ذوالفقار ڀٽو جونيئر جتي وڃي ٿو کيس پذيرائي ملي ٿي، پ پ جا ڪاوڙيل اڳواڻ هن وٽ وڃي آجيان ڪن ٿا. ذريعن موجب، علي حسن زرداري وقفي وففي سان اشارن ۾ کيس ڪجهه ٻڌائيندو رهيو. ٻوڏ جي حوالي سان احتياطي اپائن بابت به هدايتون ڪيون ويون. امڪان آهي ته صدر آصف علي زرداري به ان ئي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ويندو. بدلين جي حوالي سان فيصلو لاڙڪاڻي ۾ گڏجاڻي ۾ ٿيندو. ان گڏجاڻي کانپوءِ ٻئي ڏينهن وڏي وزير 2 هنگامي اجلاس ڪيا. هڪ اجلاس 12 ربيع الاول جي سلسلي ۾ ۽ ٻيو ٻوڏ جي حوالي سان انتظامن بابت هو. وڏي وزير هدايتون ڪيون ته ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، خميس 28 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.