سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ 200 سيڪڙو اضافو، ساڍا چار لک مقرر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعاتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي، 8 آگسٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي پگهار وڌائڻ وارو بل پيش ڪيو ويو، جيڪو متفقه طور تي منظور ڪيو ويو آهي، بل جي منظوري کان پوءِ هڪ پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن جي سربراهي اسپيڪر اويس قادر شاهه ڪئي، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي سميت سڀني جماعتن جا نمائندا شامل هئا، ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڀني پارٽين جا ميمبر شامل ٿيا ۽ گڏيل مشاورت کانپوءِ ميمبرن جي پگهار ۾ 200 سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو ويو، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ هن فيصلي جي حمايت ڪئي، جڏهن ته رڳو جماعت اسلامي مخالفت ڪئي، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهار الائونسز سميت هڪ لک پنجاهه هزار رپيا هئي، جيڪا ڪميٽي جي فيصلي کان پوءِ لڳ ڀڳ ساڍا چار لک ٿي وئي، جڏهن ته بنيادي پگهار 50 هزار مان وڌائي 3 لک رپيا ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ نون الائونسز ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ آفيس مينٽيننس الائونس 15 هزار، ٽيليفون الائونس 10 هزار، هائوس رينٽ الائونس 50 هزار، موبائل الائونس 10 هزار، يوٽيلٽي الائونس 20 هزار، روزانو الائونس 1 هزار مان وڌائي 3 هزار ۽ ڪنوينس الائونس به 1 هزار مان وڌائي 3 هزار رپيا ڪيو ويو  آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.