حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي اڳواڻ عبدالرحمن سمون ۽ منصور ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ايم پي ايز جي پگهار وڌائڻ ۽ ملازمن جي پينشن مان ڪٽوتي وارو بادشاهي فيصلو ڪري عوام دشمني جو ثبوت ڏنو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته وزيرن، مشيرن ۽ وڏن عملدارن جون عياشيون ختم ڪري، ان بدران ننڍن ملازمن جون پگهارون ۽ پينشنون وڌايون وڃن ۽ مزدورن کي رجسٽرڊ ڪري روزگار جي تحفظ سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اڳواڻن پنجاب ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته پنجاب جا ڊيم ڀريا ويا ۽ ڌاڙيل واهن ۽ ڪئنالن جا منهن کوليا ويا، جنهن سان ملڪ ۾ ماحولياتي تباهي آئي آهي. سنڌ ۾ اڄ به پاڻيءَ جي کوٽ سبب فصل سڙي رهيا آهن، پر حڪومت پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، موجوده پاڻيءَ کي جيڪڏهن منصوبابندي سان وقت سر سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ته سنڌ مٿان ٻوڏ جو خطرو ٽري ويندو.