ماٿيلي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ميرپورماٿيلو ۾ نوجوان گوليون هڻي قتل، سندس ڀاءُ گرفتار، نوجوان کي پنهنجي ڀاءُ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو، گذريل رات ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ گل محمد کھاوڙ ۾ گهر اندر جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان امداد علي چڍڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف ميرپورماٿيلو پوليس نوجوان جي قتل جي الزام هيٺ سندس ڀاءُ جوابدار روشن علي چڍڙ کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار روشن علي چڍڙ پنھنجي گهرواري زڪيا سان ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي پوليس موجب جوابدار ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل پڻ هٿ ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.