ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي ۽ سي پي اين اي ميمبر عامر محمود دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز اڄ خميس تي ظهر جي نماز کانپوءِ ڊي ايڇ اي فيز 6 ڪراچي ۾ اداڪئي ويندي. ڪائونسل آف پاڪستان نيوزيپيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) پنهنجي هر دلعزيز اڳوڻي سيڪريٽري جنرل، سينيئر صحافي ۽ شعاع، خواتين، ڪرن ۽ عمران ڊائجسٽ گروپ جي چيف ايڊيٽر عامر محمود جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، مرحوم عامر محمود، محمود رياض جو پٽ ۽ مشهور ليکڪ ابن انشاءِ جو ڀائيٽيو هو، عامر محمود منجهند جي وقت پنهنجي رهائشگاهه، خيابان محافظ ڊفينس واري علائقي ۾ وفات ڪري ويو، سندن لاڏاڻي جي خبر تي صحافتي برادري ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل حلقن ۾ سوڳ پکڙجي ويو، جڏهن ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وفاقي سيڪريٽري اطلاعات امبرين جان ۽ پرنسپلانفارميشن آفيسر مبشر حسن عامر محمود جي وفات تي تعزيت جو اظهارڪندي سندن صحافتي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي، جڏهن ته سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان، سيڪريٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، عهديدارن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته عامر محمود جي ڪيتري ئي ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي سفر، اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۽ آئيني حق جي تحفظ ۾ روشن مثال قائم ڪيو، سي پي اين اي مرحوم جي صحافتي خدمتن ۽ آزادي صحافت لاءِ ڪيل قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر جميل ڏئي. وفاقي سيڪريٽري اطلاعات ۽ پي آءِ او تعزيتي بيان ۾ چيو ته عامر محمود صحافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ تمام گهڻيون خدمتون انجام ڏنيون. مرحوم جون پيشوراڻيون ڪاوشون هميشه ياد رکيون وينديون. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريتري سهيل افضل خان ۽ ٻين عهديدارن تعزيتي بيان ۾ چيو ته عامر محمود صحافي ۽ ميڊيا دوست، باصلاحيت، منتظم ۽ صحافتي برادري جي مسئلن جي حل لاءِ سرگرم اڳواڻ هو.