جولاءِ 2025 ۾ نيپرا مالي سال 26 لاءِ بجلي خريد ڪرڻ جي قيمت مقرر ڪئي. هائيڊرو پاور( پن بجلي) کي لڳ ڀڳ 12.25 رپيا في ڪلو واٽ آور (بجلي جو عام يونٽ) جي حساب سان سڀ کان سستي ذريعي طور پيش ڪيو ويو. بهرحال، نيلم-جھلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ (NJHPP)، جيڪو چوٿون وڏو پبلڪ سيڪٽر /سرڪاري هائيڊرو پاور پراجيڪٽ آهي، ان جي بند ھئڻ ( ۽ ٺھي راس نه ٿيڻ) سبب هن سال ان مان بجلي جي پيداوار ملي نه سگھندي۔
پاڪستان ۾ هائيڊرو پاور / پن بجلي جي ترقي ڪيترن ڏهاڪن تي پکڙيل آھي۔ سڀ کان پھريان اِھو ڪم جھلم درياھ تي منگلا ڊئم سان شروع ٿيو۔ ڏکاين باوجود، هي پروجيڪٽ 1967 ۾ پنھنجي وقت کان هڪ سال اڳ مڪمل ٿي ويو. تربيلا ڊيم، جيڪو 1960 واري ڏهاڪي (1960سنڌو جي پاڻي واري معاھدي جي نتييجي ) ۾ تجويز ڪيو ويو، پنهنجي پهرين مرحلي ۾ 3,478 ميگاواٽ بجلي جي صلاحيت سان اٺن سالن ۾، 1976 ۾ مڪمل ٿيو (ياد رکڻ کپي ته تربيلا ڊئم جو بنيادي مقصد زرعي پاڻي آھي). ساڳيءَ طرح، غازي بروٿا، جنهن جي صلاحيت 1,450 ميگاواٽ آھي، 1990 واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ تجويز ٿيو، 1995 ۾ تعمير شروع ٿي ۽ 2004 ۾ مڪمل ٿيو.
نيلم جھلم ھائڊروپاور، جنهن جي صلاحيت 969 ميگاواٽ آهي، 30 سالن کان وڌيڪ ڊگهي تياريءَ کان پوءِ 2018 ۾ تجارتي آپريشن شروع ڪيو. بهرحال، ان کي پھرين ڏينھن کان ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. سرنگھن ۾ پاڻي ليڪ ٿيڻ ۽ ٻين ٽيڪنيڪي مسئلن سبب جولاءِ 2022 ۾ ان کي بند ڪيو ويو. 2023 ۾ ڪجهه مهينن لاءِ هلڻ کان پوءِ، اپريل 2024 ۾ هڪ وڏي سرنگهه جي ڊهي وڃڻ سبب ٻيهر مڪمل طور بند ٿيو.
تازن رپورٽن موجب، موجوده مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اڃا ٻه سال لڳي سگهن ٿا. اندازي موجب 35 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته نيلم جھلم ھائڊروپاور مان بجلي جي پيداوار نه ٿيڻ سبب وڌيڪ 100 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. ان سان گڏ پروجيڪٽ جي انهيءَ هدف تي به اثر پيو آهي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي لڳ ڀڳ 2.4 ملين ٽن گهٽتائي ڪئي وڃي. اهو پڻ نوٽ ڪرڻ گهرجي ته مرمت لاءِ گهربل اندازي مطابق خرچ نيپرا کي پيش ڪيو ويندو ۽ ٽريف ذريعي وصول ڪيو ويندو۔
ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته (ڊئم سان جڙيل يا وھڪرن تي ٺھيل)، وڏا هائيڊرو پروجيڪٽ وڏن خطرن سان ڀرپور هوندا آهن، جيڪي مالي ۽ سياسي رڪاوٽن سبب اڪثر دير جو شڪار ٿين ٿا. دنيا جي 245 ڊيمز جي هڪ مطالعي مان معلوم ٿيو ته بجيٽ ڪرڻ وقت اھم خرچ شامل نه ٿا ڪيا وڃن ۽ عام طور تي مجموعي خرچن کي لڳ ڀڳ 99 سيڪڙو گهٽ ظاهر ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ مهانگائي، قرض لاھڻ ۾ (وياج سوڌو) ايندڙ خرچ، ڪرنسي/ملڪي سڪي جو قدر گهٽجڻ ۽ (پراجيڪٽ جي ڪري ) ماحول جي خرابي جي مالي ڪٿ /خرچ شامل آهن۔ نيلم جھلم ھائڊرو پاور جي ڪهاڻي ان کان به ڳري ۽ حيرت ۾ وجھندڙ آهي. ان پروجيڪٽ سان ڪهڙا ڪِيس ٿيا ، اهو سمجهڻ انتهائي ضروري آهي، خاص طور تي جڏهن ڪيترائي نوان پروجيڪٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي مختلف صلاحيتن سان تعمير ڪيا پيا وڃن.عالمي طور اِھو پراجيڪٽ مينيجمينٽ جو اھم ڪم آھي ته ساڳي قسم جي پراجيڪٽن لاءِ ٿيندڙ غلطي مان سکي، سڌارا آندا وڃن ته جيئن نقصانن کان بچي سگھجي۔
نيلم جھلم ھائڊرو پاور پراجيڪٽ، جيڪو واپڊا 1983 ۾ شروع ڪيو، ان جي پري-فيزيبلٽي اسٽڊي 1987 ۾ مڪمل ڪئي وئي. پهريون PC-I 15.253 ارب ( سوا پندرھن ارب) رپين لاءِ منظور ٿيو، پر پئسن جي ذريعن جي کوٽ سبب ڪم شروع نه ٿي سگهيو. 1997 ۾، هڪ پين-نارڊڪ ڪمپني 969 ميگاواٽ لاءِ نئون ڊيزائن تيار ڪيو. 2002 ۾ نئون پي سي ون. 84 ارب رپين لاءِ منظور ٿيو، ۽ مڪمل ٿيڻ جي تاريخ 2008 رکي وئي، پر ڪم شروع نه ٿي سگهيو.
هي پروجيڪٽ هڪ اھڙي ھنڌ آھي جتي زلزلا اچي سگھن ٿا تنهنڪري سائيٽ جي اھڙي جاگرافيائي خاصيتن کي شروعاتي ڊيزائن ۾ شامل ڪرڻ لازمي هو، پر ان کي نظرانداز ڪيو ويو. 2005 جي سخت زلزلي کان پوءِ ڊيزائن ۾ تبديليون ڪرڻيون پيون، پر ٺيڪو 2007 ۾ چيني ڪنسورشيم کي ڏنو ويو، جيڪو 2005 کان اڳ جي ڊيزائن تي ٻڌل هو، ۽ مڪمل ٿيڻ جي اميد آڪٽوبر 2015 تائين هئي. مئي 2008 ۾، نيلم-جهلم ڪنسلٽنٽس، پنجن ڪمپنين جو گڏيل منصوبو، ڊيزائن جي جائزي ۽ تعمير جي نگراني لاءِ مقرر ٿيو. پر فنڊنگ جي کوٽ، زمين حاصل ڪرڻ ۽ بجليءَ جون رڪاوٽون ٺيڪيدار کي ڪم شروع ڪرڻ کان روڪينديون رهيون. 2012 ۾ فنڊنگ حاصل ڪرڻ کان پوءِ تعمير شروع ٿي. 2010 ۾، وقت بچائڻ لاءِ روايتي ڊرل ۽ بلاسٽ طريقي بدران ٻه ٽنل بورنگ مشينون (TBMs) استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سبب پي سي ون ٻه ڀيرا ٻيهر ڪم جي نوعيت ۾ تبديلي ۽ وڌاءُ سبب ٻيھر ترتيب ڏنو ويو: پهريون 2013 ۾، جنهن سان بجيٽ 272 ارب رپين تائين وڌائي وئي، پوءِ 2015 ۾ 404 ارب رپين تائين ۽ مڪمل ٿيڻ جي تاريخ نومبر 2016 تائين وڌائي وئي! TBMs جي استعمال باوجود، پراجيڪٽ مقرر وقت تي مڪمل نه ٿي سگهيو. نيلم جھلم پراجيڪٽ واقعي هڪ ڏکيو پراجيڪٽ آهي. ان ۾ هڪ گَھِرو ( زمين جي اندر) زميني پاور هائوس ۽ لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽر ڊگهيون سرنگهون شامل آهن، جيڪي ڏکين هماليائي علائقن مان گذرن ٿيون. شروعاتي رٿابندي ۾ پروجيڪٽ جي پيچيدگين کي گهٽ سمجهيو ويو. دنيا ۾ ڪيترائي هائيڊرو پاور پروجيڪٽ اهڙين ئي سرنگهن ۽ جاگرافيائي مشڪلاتن کي منهن ڏئي چڪا آهن. انهن رڪاوٽن باوجود، اهي پروجيڪٽ مڪمل ٿيا ۽ اڃان تائين هلندڙ آهن. مثال طور، چين ۾ جنپنگ-II هائيڊرو پاور پروجيڪٽ ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ نانٽ ڊي ڊرانس پروجيڪٽ اثرائتي انجنيئرنگ حڪمت عملين جا مثال آهن. ٻنهي پروجيڪٽس ۾ ڪاميابي جا اهم عنصر جامع جاگرافيائي مطالعي، لچڪدار سرنگھ بندي جا منصوبا، آزاد ٽيڪنيڪي جائزو ۽ شفاف ٺيڪا ڏيڻ جا نظام هئا. سندن تياري جبلن کي ٽوڙڻ ۽ شديد (سائيٽ جي) دٻاءَ واري حالتن لاءِ ڪاميابي کي يقيني بڻايو، جنهن ڏيکاريو ته طرزحڪمراني، انتظامڪاري ۽ ٽيڪنيڪل مھارت ڪيئن گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا.
نيلم جھلم پراجيڪٽ کي وقتائتي فنڊنگ خاص ڪري شروعات ۾ نه ملڻ يا اڌوگابري ملڻ، جنهن ۾ پرڏيهي قرض ۽ بجليءَ جا سرچارج شامل هئا، سبب مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن سان وري وري رڪاوٽون اچي ويون. 2008 ۾ لڳايل سرچارج، جيڪا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به جاري رهي، شفافيت جي کوٽ کي ظاهر ڪيو، ڇاڪاڻ ته صارفين کي خبر ئي نه هئي ته سندن پئسو ڪهڙي طرح استعمال ٿي رهيو هو.
هڪ واحد اهم ايجنسي ميگا انفراسٽرڪچر پروجيڪٽس جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي. نيلم جهلم هائيڊرو پاور ڪمپني (NJHPPC) 2004 ۾ ٺاهي وئي ته جيئن گورننس ۽ مالي شفافيت کي بهتر بڻائي سگهجي. ان جي آزاد بورڊ جو مقصد فيصلا سازي کي بهتر ڪرڻ هو، پر حڪومت جي عملدارن جي وڏي موجودگي ان جي خودمختياري کي متاثر ڪيو. اڳواڻي ۾ وري وري تبديليون، اسٽيڪ هولڊرز / لاڳاپيل ڌرين ۾ هم آهنگيءَ جا مسئلا، سياسي مداخلت ۽ ڪمزور نگراني دير ٿيڻ ۽ خرچ وڌڻ جو سبب بڻيا.
نيلم جهلم هائيڊرو پاور ڪمپني وڏا قرض گڏ ڪيا، جن لاءِ حڪومت جي ضمانت ۽ وڌيڪ ٽيرف (بجلي جو اگھه) جي ضرورت هئي. اھو جدا جڙيل ادارو گھڻي مداخلت جي ڪري ڪارڪردگي يا شفافيت کي يقيني نه بڻائي سگھيو، بلڪه ٻين سرڪاري ادارن جيان مسئلن کي ورجايو. خودمختياري ۽ جوابدهي جي کوٽ سبب، NJHPPC هاڻي نقصان ڪندڙ ادارن ۾ شامل آهي، جن جا گڏيل نقصان 58 ارب رپين کان وڌي ويا آهن.
نيلم جھلم ھائڊرو پاور پراجيڪٽ جيڪو هڪ انجنيئرنگ جو ڪمال سمجهيو ويندو هو، هاڻي رڳو بدانتظاميءَ جي هڪ عبرت ناڪ ڪهاڻي بڻجي ويو آهي. ان جا موجوده مسئلا بنيادي ڊيزائن، تعميراتي معيار، خراب هنگامي رٿابندي ۽ تعمير کان اڳ ۽ پوءِ جي آڊٽ ۾ خامين کي ظاهر ڪن ٿا. ماحولياتي اثر ۽ مقامي برادرين/ ماڻھن جا اھنج وڌائڻ سان گڏ، نيلم جھلم ھائڊرو پاور پراجيڪٽ اهو ڏيکاري ٿو ته ٽيڪنيڪي پيچيدگي ۽ خراب گورننس گڏجي ڪيئن آپريشنل/عملي ناڪاميءَ جو سبب بڻجن ٿا.
مئي 2018 ۾، سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي ٽئين ڌر جي آڊٽ جي منظوري ڏني ته جيئن پروجيڪٽ جي خرچ وڌڻ جو جائزو وٺي سگهجي. بهرحال، اڃا تائين اهڙي ڪا رپورٽ عوامي طور موجود ناهي. ھاڻ خاص طور تي قانوني ۽ ٽيڪنيڪي جاچ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، خاص ڪري جڏهن کان سرنگھ ۾ اڏاوتي خاميون ظاهر ٿيون.
جولاءِ 2025 ۾، وزيراعظم هڪ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي، جنهن جي سربراهي هڪ اڳوڻي جج ڪري رهيو آهي، ته جيئن معاملي جي جاچ ڪري ۽ ذميوارن کي جوابده بڻائي سگھجي. هن ڪميشن جي رپورٽ اڃا باقي آهي. اميد آهي ته ڪميشن جي رپورٽ جي نتيجي ۾ جوابدهي تجويز ڪڻ جي نتيجي ۾ مستقبل جي منصوبن کي بھتر انتظام ڪاري سان عمل ۾ آندو ويندو .
(هن مضمون جو مرڪزي خيال اصل ۾ عافيه ملڪ جو لکيل آهي جيڪا ملڪ توانائي جي ماهر ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (PIDE)، اسلام آباد ۾ سينيئر ريسرچ اڪنامسٽ آهي. دي نيوز ۾ ”بليو پرنٽ آف بليڪ آئوٽ“ جي عنوان سان شايع ٿيل ان مضمون کي نه رڳو هتي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي پر ان ۾ واڌارو پڻ ڪيو ويو آهي)