شارجا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽر حسن نواز چيو آهي ته ٽيم جا هڙئي رانديگر بهترين فارم ۾ آهن ۽ ملڪ لاءِ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
ٽه مُلڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت يو اي اي ۾ تياريون ڪري رهي آهي، جنهن دوران انٽرا اسڪواڊ ميچز پڻ ٿي رهيون آهن.
ٻي ميچ کان پوءِ حسن نواز پنهنجي ساٿي ڪرڪيٽر ابرار احمد کي انٽرويو ڏنو، جنهن جي وڊيو پي سي بي طرفام جاري ڪئي وئي.
حسن نواز چيو ته پريڪٽس ميچ ۾ ٽيم منصوبا بندي تحت کيڏي ۽ حڪمت عملي اها هئي ته اسپنرن خلاف محتاط کيڏجي ۽ فاسٽ بالرن تي اٽيڪ ڪيو وڃي، اِها حڪمت عملي ڪامياب رهي ۽ نتيجو سڀني جي سامهون آهي.
هن چيو ته ٽيم جا سڀئي رانديگر بهترين فارم ۾ آهن ۽ سڀ جي ڪوشش آهي ته ڪارڪردگي ۾ تسلسل ٽه فريقي سيريز ۽ ايشيا ڪپ ۾ پڻ برقرار رهي، اسان ملڪ لاءِ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.
ابرار احمد حسن نواز لاءِ نيڪ خواهشون جو اظهار ڪندي چيو ته” قوم کي تون مان وڏيون اميدون آهن، اميد آهي ته ايشيا ڪپ ۾ به نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري پاڪستان کي ڪاميابي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندين.“
حسن نواز چيو ته ” مان قوم جي اميدن تي پورو لهڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، ٽيم ورڪ ئي اصل طاقت آهي جنهن جي ذريعي مخالف کي گهٽ اسڪور تي روڪي سگهجي ٿو.“
ان کانسواءِ هن سينيئر بيٽر فخر زمان جي ڪارڪردگي جي پڻ واکاڻ ڪئي، جيڪو انجري کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.
You might also like